شڪارپور واسڻ ناديا اڄڻ ڊائواسپتال ۾ واهر جي اوسيئڙي ۾ زندگي موت جي ٻه واٽي تي
Asghar Azad
September 8, 2018
سنڌ
1,391 Views
ڪراچي( سنڌسماءَچار سوشل ميڊيا ڊيسڪ) شڪارپورجي اڄڻ پاڙي جي رهواسڻ نياڻي جگر جي بيماري ۾ مبتلا ناديا اڄڻ ڊائو اسپتال ۾ زندگي ۽ موت جي ٻه واٽي تي بيٺل آهي. ناديا اڄڻ جگر ۽ جيري جي بيمارين ۾ مبتال آهي، جنهن جي والدين پنهنجي حيثيت مطابق علاج ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ۽ پنهنجو الهه تلهه کپائي چڪا آهن، ان باوجود به سندن نياڻي جو علاج مڪمل نه ٿي سگهيو آهي. ناديا جي جگر ۽ جيري جي بيمارين جو مهانگو علاج هاڻي سندس بي پهچ وارثن جي وس ۾ ناهي رهيو، انڪري سندن نوجوان نياڻي موت سان جهيڙيندي زندگي ۽ موت جي ٻه واٽي تي بيٺل آهي. نياڻي ناديا اڄڻ جي وارثن سنڌ جي سرندي وارن ۽ سنڌ سرڪار کي علاج ڪرائڻ جي اپيل ڪئي آهي.
رابطي لاءِ سندس نمبر هي آهي 03337263130