Tuesday , April 1 2025
Breaking News

صحافڻ غريده فاروقي به گهريلو ملازما کي گهر ۾ قيد رکندڙ ۾ شامل…!!

Gharedah farooqi 03Gharedah farooqi 01

سعودي عرب ڄائي پاڪستاني صحافڻ هڪ نجي ٽي وي چئنل جي ڪرنٽ افيئر پروگرام جي ميزبان غريده فاروقي پنهنجي گهر ۾ ڪم ڪندڙ گهريلو ملازما 15 سالن جي نينگري کي يرغمال بڻائي رکڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. غريده فاروقي تي اهو الزام آهي ته هُن ٻارڙي کي معمولي غلطين تان سخت مارڪٽ به ڪندي رهي آهي.

عورت اينڪر پرسن جيڪا پاڻ ٽي وي پروگرامن ۾ انساني حقن، ايمانداري ۽ ڪرپشن خلاف پروگرام ڪندي رهي آهي ان تي به اهڙو ئي الزام سامهون آيو آهي.

ميڊيا رپورٽس مطابق نينگري جي وارثن جڏهن غريده فاروقي کي اهو چيو ته نياڻي کي واپس ڪيو وڃي ته ان جي بدلي صحافڻ کائن مطالبو ڪيو ته، هُن نينگري جي سندس گهر ۾ ڪم ڪرڻ دوران ان کي ماني ٽڪي کارائيندي رهي آهي ۽ ٻيون سهولتون به مهيا ڪندي رهي آهي، جنهن جو ڪُل خرچ 40 هزار رپيا آهي اُهو ادا ڪرڻ بعد نينگري کي والدين حوالي ڪيو ويندو. ميڊيا رپورٽس موجب غريده فاروقي جي اهڙي ڳالھ ٻڳلھ واري موبائل تي ڪيل ڳالھ ٻولھ جي رڪارڊنگ به سامهون اچي وئي آهي.

About Asghar Azad

Check Also

سياسي ۽ عسڪري قيادت جو نيشنل ايڪشن پلان تي ڀرپور نموني عمل ڪرڻ تي اتفاق

ملڪ ۾ دهشتگردي، خارجين ۽ ادارن سميت اهم قومي معاملن خلاف پروپئگنڊا خلاف نيشنل ايڪشن …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *