اسلام آباد( سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) ن ليگ جي اڳواڻ احسن اقبال چيو آهي ته، غلطيون اسان کان به ٿيو آهن پر سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته پ پ پ ڪهڙي قسم جي سياست ڪري رهي آهي، اسان جي ڪوشش آهي ته مخالف ڌر کي گڏ رکڻ لاءِ آخر تائين ڪوشش ڪنداسين. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي احسن اقبال چيو ته، صدارتي چونڊ لاءِ مخالف ڌر جي سمورين پارٽين ۾ طئه ٿيو هو ته سموريون پارٽيون پنهنجي پنهنجي اميدوارن جا نالا ڏيندا جن مان گڏيل فيصلو ڪري هڪ نالي تي اتفاق ڪيو ويندو. هن چيو ته اسان کي پ پ يا اعتزاز احسن سان ڪو به ذاتي جهڙو ناهي باوجود ان جي ته اعتزاز احسن نواز شريف ۽ بيگم ڪلثوم نواز بابت هن انتهائي ذاتي سطح جا بيان ڏنا. احسن اقبال چيو ته ماضي ۾ غلطيون اسان کان به ٿيون آهن جن جو ازالو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي پر اسان کي سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي دوستن کي ڇا ٿي ويو آهي ۽ اُهي ڪهڙي قسم جي سياست ڪري رهيا آهن. اسان کي لڳي ٿو ته پ پ پ صدارتي چونڊن ۾ تحريڪ انصاف کي آساني سان کٽائڻ جي ڪوشش / واڪ اوور ڪري رهي آهي.
Check Also
صدر آصف زرداري جي طبيعت خراب، نجي اسپتال داخل، دبئي منتقل ڪرڻ جو امڪان، اسپتال جي سيڪيورٽي سخت
آصف زرداريءَ کي دبئي منتقل ڪرڻ بابت خانداني فردن حتمي فيصلو ناهي ڪيو، پر آصف …