Thursday , April 3 2025

صدر آصف زرداري جي طبيعت خراب، نجي اسپتال داخل، دبئي منتقل ڪرڻ جو امڪان، اسپتال جي سيڪيورٽي سخت

آصف زرديءَ کي دبئي منتقل ڪرڻ بابت خانداني فردن حتمي فيصلو ناهي ڪيو، پر آصف زرداري جو علاج ڪندڙ ڊاڪٽر عاصم ۽ سندس ٽيم کيس دبئي منتقل ڪرڻ تي زور ڀريو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي ته آصف عجلي زرداريءَ کي اڄ 2 اپريل تي ڪنهن به وقت دبئي منتقل ڪري سگهجي ٿو، جنهن لاءِ خاندان جي فردن کي راضي ڪرڻ جي به ڪوشش  ڪئي پئي وڃي. صدر مملڪت آصف زرداريءَ کي ضياءُ الدين اسپتال ۾ داخل ڪرڻ کانپوءِ اسپتال جي سيڪيورٽي جا انتظام قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سنڀالي ورتا آهن، اسپتال طرف ايندڙ ويندڙ رستن جي سخت نگراني ڪئي پئي وڃي

ڪراچي ( رپورٽ: اصغر آزاد  سنڌسماءَچار) صدر آصف علي زرداريءَ جي طبعيت اوچتو خراب ٿي وئي، هنگامي بنيادن تي خصوصي جهاز ذريعي نواب شاهه کان ڪراچي منتقل ڪري کي ضياءُ الدين اسپتال داخل ڪيو ويو، علاج لاءِ دبئي منتقل ڪرڻ جو امڪان، ضياءُ الدين اسپتال جي سڪيورٽي قانون لاڳو ڪندڙ ادان سنڀالي ورتي. صدر آصف علي زرداري جي عيدالفطر جي ٻئي ڏينهن صبح جو سوري اوچتو طبيعت  خراب ٿي پئي، ذريعن جو چوڻ آهي ته آصف علي زرداري جي طبيعت خراب ٿيڻ تي سندس ذاتي ڊاڪٽر ۽ ويجهي دوست ڊاڪٽر عاصم حسين کي اطلاع ڪيو ويو، جنهن زرداري هائوس ۾ موجود فريال ٽالپر ۽ آصفه ڀٽو زرداري سان رابطو ڪري کي وڊيو لنڪ ذريعي آصف زرداري جي طبيعت بابت معلومات ورتي، جنهن فريال ٽالپر ۽ آصفه ڀٽو زرداريءَ کي چيو ته آصف زرداري کي فوري طور ڪراچي منتقل ڪري ضياءُ الدين اسپتال منتقل ڪيو وڃي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ڊاڪٽر عاصم حسين جي هدايت تي آصف علي زرداري کي خصوصي جهاز ذريعي نواب شاهه کان ڪراچي منتقل ڪري ڊاڪٽر عاصم حسين جي ضياءُ الدين اسپتال پهچائي داخل ڪيو. ذريعن جو چوڻ آهي آهي ته ضياءُ الدين اسپتال ۾ ڊاڪٽر عاصم حسين جي نگرانيءَ هيٺ صدر آصف زرداري جو علاج ڪندڙ ڊاڪٽرن طبي معائنو ڪيو ۽ مختلف ٽيسٽون ڪيون ويون، جنهن بعد فيصلو ڪيو ويو ته آصف زرداريءَ جي طبيعت  ۾ بهتري اچڻ تائين  کيس اتي ئي علاج هيٺ رکيو وڃي.

ان سلسلي ۾ سنڌسماءَچار کي مليل ڄاڻ مطابق آصف زرداري کي وڌيڪ علاج ۽ آرام لاءِ دبئي شفٽ ڪيو وڃي، جنهن لاءِ ڊاڪٽر عاصم حسين پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان ٽيليفون تي رابطو ڪري صلاح مشورو ڪيو ۽ بلاول ڀٽو زرداري کي فوري طور ڪراچي پهچڻ جو به چيو آهي. ذريعن کان مليل ڄاڻ مطابق آصف زرديءَ کي دبئي منتقل ڪرڻ بابت خانداني فردن حتمي فيصلو ناهي ڪيو، پر آصف زرداري جو علاج ڪندڙ ڊاڪٽر عاصم ۽ سندس ٽيم کيس دبئي منتقل ڪرڻ تي زور ڀريو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي ته آصف عجلي زرداريءَ کي اڄ 2 اپريل تي ڪنهن به وقت دبئي منتقل ڪري سگهجي ٿو، جنهن لاءِ خاندان جي فردن کي راضي ڪرڻ جي به ڪوشش  ڪئي پئي وڃي.

صدر مملڪت آصف زرداريءَ کي ضياءُ الدين اسپتال ۾ داخل ڪرڻ کانپوءِ اسپتال جي سيڪيورٽي جا انتظام قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سنڀالي ورتا آهن، اسپتال طرف ايندڙ ويندڙ رستن جي سخت نگراني ڪئي پئي وڃي، ذريعن کان مليل ڄاڻ موجب صدر آصف علي زرداري سان سواءِ خاندان جي ماڻهن، ڊاڪٽر عاصم ۽ علاج ڪندڙ ڊاڪٽرن کانسواءِ ڪنهن کي به  ملڻ نه پيوڏنو وڃي.

About admin

Check Also

سنڌ جي اشوز تي سنڌسماءَچار سڀني کان اڳتي، 6 مهينا اڳ خبر جي تصديق، وڏي وزير جو اعتراف

سنڌسماءَچار هميشه سڀني کان اڳڀري رهي آهي، گرين پاڪستان انشيٽو منصوبي بابت 6 مهينا اڳ …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *