ماڊل ڊڪٽيٽر جنرل ضياءَ جي مارشل خلاف موومينٽ فار ري-اسٽوريشن آف ڊيموڪريسي / ايم آر ڊي جي سنڌ ۾ ڪاميابي سان سرواڻي ڪندڙ اڳوڻو وفاقي وزير ۽ جي ڊي اي جو مرڪزي اڳواڻ غلام مرتضيٰ خان جتوئي پيپلزپارٽي جي سنڌ حڪومت ۾ گرفتار، نواب شاهه جي بي سيڪشن ٿاڻي تي لاڪ اپ حوالي، ميڊيڪل چيڪ اپ لاءِ کيس اسپتال نيئڻ بدران ٿاڻي تي ڊاڪٽر گهرائي طبي معائنو ڪرايو ويو
اسان آمر ضياءَ جي مارشل خلاف جدوجهد ڪئي، ڊڪٽيٽرن آڏو به نه جهڪياسين، هميشه ڏاڍ خلاف سينو ساهي بيٺا رهيا آهيون، موجوده حڪومت جي سياسي انتقام کي به مڙسيءَ سان منهن ڏينداسين: غلام مرتضيٰ جتوئي
سنڌ حڪومت ڀلي ڪيترا به ظلم ڪري پر ان کي ياد رکڻ گهرجي ته جتوئي خاندان آمريتن آڏو به نه جهڪيو، جمهوريت ۽ عوامي حقن لاءِ مارشل لا خلاف جدوجهد جي سرواڻي ڪري ڳاٽ اوچو رکيو، هن چيو ته جيڪڏهن ڪو سمجهي ٿو ته ڪوڙن ڪيس ۾ غلام مرتضيٰ خان کي گرفتار ڪري کيس ۽ سندس ڪٽنب جي ڪنهن فرد کي جهڪائيندو ته اها ان جي ڀُل آهي: مسرور جتوئي
نوشهرو فيروز/ نواب شاهه (خاص نمائندا سنڌسماءَچار) ماڊل ڊڪٽيٽر جنرل ضياءَ جي مارشل خلاف موومينٽ فار ري-اسٽوريشن آف ڊيموڪريسي / ايم آر ڊي جي سنڌ ۾ ڪاميابي سان سرواڻي ڪندڙ اڳوڻو وفاقي وزير ۽ جي ڊي اي جو مرڪزي اڳواڻ غلام مرتضيٰ خان جتوئي پيپلزپارٽي جي سنڌ حڪومت ۾ گرفتار، نواب شاهه جي بي سيڪشن ٿاڻي تي لاڪ اپ حوالي، ميڊيڪل چيڪ اپ لاءِ کيس اسپتال نيئڻ بدران ٿاڻي تي ڊاڪٽر گهرائي طبي معائنو ڪرايو ويو.
غلام مرتضيٰ جتوئي چيو آهي تهاسان آمر ضياءَ جي مارشل خلاف جدوجهد ڪئي، ڊڪٽيٽرن آڏو به نه جهڪياسين، هميشه ڏاڍ خلاف سينو ساهي بيٺا رهيا آهيون، موجوده حڪومت جي سياسي انتقام کي به مڙسيءَ سان منهن ڏينداسين. غلام مرتضيٰ جتوئي جي ڀاءُ مسرور خان جتوئي چيو آهي ته، سنڌ حڪومت ڀلي ڪيترا به ظلم ڪري پر ان کي ياد رکڻ گهرجي ته جتوئي خاندان آمريتن آڏو به نه جهڪيو، جمهوريت ۽ عوامي حقن لاءِ مارشل لا خلاف جدوجهد جي سرواڻي ڪري ڳاٽ اوچو رکيو، هن چيو ته جيڪڏهن ڪو سمجهي ٿو ته ڪوڙن ڪيس ۾ غلام مرتضيٰ خان کي گرفتار ڪري کيس ۽ سندس ڪٽنب جي ڪنهن فرد کي جهڪائيندو ته اها ان جي ڀُل آهي.
پوليس غلام مرتضيٰ جتوئي کي نوشهرو فيرزو جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ٻاهران هڪ قتل ڪيس ۾ گرفتار ڪري نواب شاهه منتقل ڪري ڇڏيو. پوليس جو چوڻ آهي ته دهجذزستگردي ٽوڙ عدالت غلام مرتضيٰ جتوئي جا بلاول زرداري جي قتل ڪيس ۾ ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا هئا، کيس ان ڪيس ۾ گرفتار ڪيو آهي، بلاول زرداري گذريل چونڊن دوران هڪ پولنگ اسٽيشن تي ٿيل جهيڙي ۾ مارجي ويو هو. پوليس موجب عدالت غلام مرتضيٰ جتوئي جا گرفتاري وارنٽ 12 فيبروري تي جاري ڪيا هئا. غلام مرتضيٰ جتوئي کي اڄ اڱاري ڏينهن دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو.
پوليس غلام مرتضيٰ جتوئي کي گرفتار ڪري نواب شاهه جي بي سيڪشن ٿاڻي تي منتقل ڪري لاڪ اپ حوالي ڪيو. نواب شاهه پوليس جي ذريعن جو چوڻ آهي مرتضيٰ جتوئي شروع ۾ لاڪ اپ اندر پٽ تي ويهڻ لاءِ چيو پر هو نه ويٺو، جنهن تي ڪجهه پوليس اهلڪارن کيس ڪرسي ڏيندي چيو ته هُو مٿان جي حڪمن سبب مجبور آهن، علي حسن زرداري ۽ گهرو وزير ضياءَ لنجار پل پل جي رپورٽ وٺي رهيا آهن. پوليس غلام مرتضيٰ جتوئي جو ميڊيڪل چيڪ اپ ڪرائڻ لاءِ اسپتال منتقل ڪرڻ بدران سول اسپتال جي ڊاڪٽرن کي ٿاڻي تي گهرائي سندس ميڊيڪل چيڪ اپ ڪيو، جنهن جي رپورٽ به جاري ناهي ڪئي وئي.