اسلام آباد (خاص نمائندو سنڌسماءچار) سي پيڪ اٿارٽي جي چيئرمين عاصم سليم باجوا عهدي تان استعيفا ڏئي ڇڏي. ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ عاصم سليم باجوا پنهنجي عهدي تان ڏئي ڇڏي آهي، عاصم باجوا استعيفا وزيراعظم عمران خان کي اماڻي جيڪا منظور ڪئي وئي آهي. وزير اعظم استعيفا منظور ڪندي خالد منصور کي سي پيڪ اٿارٽي جو نئون چيئرمين مقرر ڪري ڇڏيو آهي، جنهن جي مقرري جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي. خالد منصور اينگرو پاڪستان جو چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر هو.
Check Also
سياسي ۽ عسڪري قيادت جو نيشنل ايڪشن پلان تي ڀرپور نموني عمل ڪرڻ تي اتفاق
ملڪ ۾ دهشتگردي، خارجين ۽ ادارن سميت اهم قومي معاملن خلاف پروپئگنڊا خلاف نيشنل ايڪشن …