عدالتي حڪمن خلاف لکي غلام شاهه ۾ جرڳو، نوجوان ڪارو قرار

عدالتي حڪمن خلاف لکي غلام شاهه ۾ جرڳو، نوجوان ڪارو قرار

نوجوان تي 6 لک ڏنڊ ۽ پوليس ۽ جرڳائي وڏيرن لاءِ 50/50 هزار ڌار ڏيڻ جي فتويٰ

جرڳن تي عدالتي پابندي باوجود سنڌ ۾ لاڳيتو جرڳن جو سلسلو جاري آهي، لکي غلام شاهه ۾ جرڳائي وڏيرن غلام مصطفيٰ ٽانوري ۽ حافظ يعقوب ٽانوري جي سرپئنچي ۾ ڪارنهن معاملي جو جرڳو ڪيو ويو. ڳوٺ ٻير ۾ ٿيل جرڳي ۾ ميان صاحب واسي عبدالرحمان ٽانوري کي ڳوٺ عيسو ٽانوري جي رهواسڻ عورت سان ڪارو قرار ڏنو ويو. جرڳي ۾ نوجوان کي ڪارو قرار ڏيڻ جي فتويٰ جاري ڪري مٿس 6 لک رپيا ڏنڊ مقرر  ڪيو  ويو. جرڳي بعد الزام هيٺ آيل نوجوان واري ڌر تي ڏنڊ جي رقم کانسواءِ 50 هزار رپيا پوليس خرچ ۽ 50 هزار رپيا جرڳائين جي پڳ طور ادا ڪرڻ جو به نادرشاهي هڪم ٻڌايو ويو.

About

Check Also

”پريا ڪماري جي ويجهو پهتا آهيون“،سنڌ حڪومت جون دعوائون ڪوڙيون ثابت

  ڪراچي (رپورٽ: اصغر آزاد  سنڌسماءَچار) سنگرار مان اغوا ٿيل معصوم نياڻي پرياڪماريءَ جي آزادي/ …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *