”علي رضا شاهه ڇو ڇتو ٿيو، شرم اٿس ته ٻڏڻ گهرجيس“: سيد امير حيدر شاهه
Asghar Azad
July 1, 2018
سنڌ
1,569 Views

سيد امير حيدر شاهه صحافين سان ڳالهائيندي (فائل فوٽو)
ڪراچي ( رپورٽر سنڌسماءَچار) سائين جي ايم سيد جي پوٽي ۽ امير حيدر شاهه جي پٽ سيد علي رضا شاهه ملڪ اسد سڪندر سان گڏجي بلاول ڀٽو زرداري سان ملاقات بعد پيپلز پارٽي ۾ شموليت جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

بلاول ڀٽو زرداري سان علي رضا شاهه جي ملاقات
ان سلسلي ۾ سائين جي ايم سيد جي پٽ سيد امير حيدر شاهه هڪ ويڊيو پيغام ۾ پنهنجي پٽ جي اهڙي سياسي عمل کان خاندان سميت مڪمل لاتعلقي جو اظهار ڪري ڇڏي ڇڏيو آهي. سائين جي ايم سيد جي پٽ سيد امير حيدر شاهه، ويڊيو بيان ۾ چيو آهي ته، ” ٻڏڻ گهرجيس، شرم اچڻ گهرجيس، اسان ڦڪا پيا لڳون، ته هي ڇو ڇتو ٿيو، ڇو انڌو ٿيو“. سيد امير حيدر شاهه ويڊيو بيان ۾ وڌيڪ چيو آهي ته، ” اسانجا ڪنڌ شرم وچان جھڪيل آھن، ٻڏڻ گھرجيس، وڏن جي عزت ۽ محنت برباد ڪري ڇڏيائين، مان حيران آھيان ته منھنجو پٽ ايترو سستو وڪاميو آھي، وڏن جي محنت ۽ جدوجھد جو به خيال نه ڪيائين“. امير حيدر شاهه چيو ته، ” مان سائين جي ايم سيد جي پٽ ھجڻ جي ناطي انھي عمل کان لاتعلقي جو اعلان ڪيان ٿو“.