اسلام آباد(خاص نمائندو سنڌسماءَچار) وزيراعظم عمران خان وفاقي حڪومت کي هدايت ڪئي آهي ته، فاٽا جي لاءِ اين ايف سي مان صوبن کي ملندڙ رقم مان 3 سيڪڙو ڪٽوتي ڪرڻ لاءِ ڪم شروع ڪيو وڃي. وزيراعظم فاٽا سڌارن ۽ انضام بابت ٿيل اجلاس دوران ڳالهائيندي چيو تي، ڪجهه ڌريون فاٽا جي انضمام جي خلاف آهن، پر انهن کي گڏجي ناڪام بڻائينداسين. وزيراعظم چيو ته، اين ايف سي ايوارڊ مان صوبن کي سندن حصي جي رقم جاري ڪئي ويندي آهي ان مان 3 سيڪڙو ڪٽوتي ڪري فاٽا کي ڏينداسين. عمران خان ان تي عمل ڪرائڻ لاءِ وفاقي حڪومت سميت لاڳاپيل وفاقي اختيارين کي هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن. هن چيو ته فاٽا جي عوام جي ڀلائي لاءِ سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻوپوندو. اجلاس ۾ ڪي پي جي وڏي وزير، گورنر، مذهبي معاملن جي وفاقي وزير نورالحق قادري ۽ فاٽا سان واسطو رکندڙ سينيٽرز ۽ ٻين شرڪت ڪئي.
Check Also
سياسي ۽ عسڪري قيادت جو نيشنل ايڪشن پلان تي ڀرپور نموني عمل ڪرڻ تي اتفاق
ملڪ ۾ دهشتگردي، خارجين ۽ ادارن سميت اهم قومي معاملن خلاف پروپئگنڊا خلاف نيشنل ايڪشن …