ڪراچي (اسٽاف رپورٽر سنڌسماءَچار) عوامي تحريڪ پاران جرڳن، جرڳا ڪندڙ سردارن ۽ سندن سهولتڪار پوليس ۽ انتظاميا خلاف ڪارروائي جو مطالبو. عوامي تحريڪ جي صدر لال جروار ۽ ٻين اڳواڻن چيو آهي ته قبيلائي جرڳن خلاف اعلي عدالتن طرفان ڏنل واضع فيصلن جي باوجود سنڌ ۾ پيپلزپارٽي جي سر پرستيءَ ۾ سر عام قبيلائي سردار جرڳا ڪري قانون ۽ آئين کان مٿاھان فيصلا ڪري رهيا آهن. سردارن ۽ ڀوتارن رياست اندر پنھنجي الڳ رياست قائم ڪري ڇڏي آهي. قبيلائي جرڳن ۾ قاتلن کان ڪروڙين روپيا ڏنڊ وٺي انھن کي موقعو ڏنو وڃي ٿو ته وري وڃي ٻيا بينگاھ انسان قتل ڪن. هنن چيو ته جرڳا عدالتن جي توهين آهن، جرڳائي سردارن کي طاقتور ڪري سنڌ ۾ آئين ۽ قانون کي معطل ڪيو ويو آهي. پنهنجي پريس بيان ۾ اڳواڻن چيو آهي ته ٿاڻن کي جرڳائي سردارن جي ماتحت ڪيو ويو آھي. ضلعن جا ايس ايس پيز عوام جي جان ۽ مال جو تحفظ ڪرڻ، قانون ۽ آئين جي بالادستي ۽ حُڪمراني کي يقيني بنائڻ ۽ قبيلائي دھشتگردي ڪندڙن کي گرفتار ڪرڻ بدارن قبيلائي سردارن ۽ حڪمرانن جي ڪمداري ڪن ٿا. ڌاڙيلن کي انتظاميه قبيلائي سردارن ۽ حڪمرانن جي پُٺڀرائي حاصل آھي. بيگناھ مسڪين ماڻھن کي اغوا ڪري ڪروڙين روپياڀُنگ وٺڻ کي منافعي بخش ڪاروبار بڻايو ويو آھي. عوامي تحريڪ جي اڳواڻن سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس کان مطالبو ڪيو آھي ته اعلي عدالتن جي فيصلن جي ڀڃڪڙي ڪري غير قانوني ۽ غير آئيني جرڳا ڪندڙ قبيلائي سردارن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي. جنھن ضلعي ۾ جرڳا ڪيا وڃن ٿا ان ضلعي جي ايس ايس پيز ۽ ماتحت عملي تي قانون مطابق قدم کنيو وڃي. سنڌ ۾ ڌاڙيلن جي خاتمي لاء سخت آپريشن ڪيو وڃي، بدامني ۽ لاقانونيت کي ختم ڪرڻ لاءِ سخت اپاءُ ورتا وڃن.
Check Also
سنڌ ڪابينا جو ڪارونجهر کي ثقافتي ورثي بابت عدالتي حڪم جي ابتڙ منظوري
سنڌ ڪابينا،ڪارونجهر کي ثقافتي ورثي بابت سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي عمل نه ڪيو، …