پشاور( سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) جي يو آءِ جي ۽ ايم ايم اي جي سربراهه مولانا فضل الرحمان 25 جولاءِ تي ٿيل عام چونڊن جي نتيجن کي مڪمل طور طور تي رد ڪندي چيو آهي ته اليڪشن ۾ ڌانڌلين بابت اڄ ڪوٺايل آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ مستقبل جو لائحه عمل جو اعلان ڪيو ويند. مولانا فضل الرحمان، سراج الحق ۽ ٻين اڳواڻن سان گڏ پشاور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان جي تاريخ جون هي چونڊون انتهائي بدترين ثابت ٿيون آهن، جنهن ۾ تاريخي ڌانڌليون ڪيون ويون آهن. مولانا فضل الرحمان چيو ته، عوام جي ووٽن تي ڌاڙو هنيو ويو آحي، جنهن عمل کي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪيو ويندو. هڪ سوال جي جواب ۾ فضل الرحمان چيو ته، اي پي سي جي مان ۽ن آصف زرداري ميزباني ڪري رهيا آهيون، مونکي پڪ آهي ته اسفنديار ولي خان به اي پي سي ۾ ضرور شرڪت ڪندو. هن چيو ته اي پي سي اسلام آباد ۾ جمعي ڏينهن (اڄ) ٿي رهي آهي.
Check Also
صدر آصف زرداري جي طبيعت خراب، نجي اسپتال داخل، دبئي منتقل ڪرڻ جو امڪان، اسپتال جي سيڪيورٽي سخت
آصف زرداريءَ کي دبئي منتقل ڪرڻ بابت خانداني فردن حتمي فيصلو ناهي ڪيو، پر آصف …