Monday , March 31 2025
Breaking News

عورت آزادي مارچ، آصف زرداري حمايت ڪري ڇڏي

اسلام آباد (خاص نمائندو  سنڌسماءَچار) اڳوڻي صدر آصف زرداري سکر ۾ نڪرندڙ عورتن جي آزادي مارچ جي حمايت ڪندي ان جي تحفظ ۽ سهولتون مهيا ڪرڻ جي هدايت به ڪئي آهي، اسلام آباد مان جاري ڪيل بيان ۾ اڳوڻي صدر چيو آهي ته سنڌ ۾ ٿيندڙ عورتن جي آزادي مارچ جي ڀرپور حمايت ڪيون ٿا، سنڌ حڪومت عورت آزادي مارچ جي تحفظ ۽ سهولتون مهيا ڪرڻ لاءِ سمورا ممڪن قدم کڻي. اڳوڻي صدر چيو ته عورتن کي ڪمزور ۽ گهٽ سمجهڻ واري سوچ کي شڪست ملندي، پيپلز پارٽي شهيد ذوالفقار ۽ شهيد بينظير ڀٽو جي فلسفي تي ثابت قدم آهي، معاشري ۾ عورتن جي برابريءَ واري حق کي تسليم ڪرڻو پوندو. شهيد بينظير ڀٽو جو ڪردار عورتن لاءِ مشعلِ راهه آهي، جڏهن ته بختاور ۽ آصفه ڀٽو زرداري به عورتن جو آواز ۽ طاقت آهن.

About Asghar Azad

Check Also

سموري سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ، ٺٽي ۾ پيئڻ جو پاڻي اڻلڀ ٿيڻ لڳو، 6ڪئنالن خلاف سنڌ سراپا احتجاج بڻيل

سموري سنڌ ۾ پاڻي جي شديد کوٽ، بيٺل فصل سڪڻ لڳا، ٺٽي ضلعي ۾ پيئڻ …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *