Sunday , February 23 2025

فوجي عدالتن جي حمايت ڪري زهر جو ڍڪ پيتو آهي: اعتزاز احسن

Aitizaz Ahsan 1   court military 1

سينيٽر اعتزاز احسن چيو آهي ته، حڪومت قومي ايڪشن پلان تي ئي عمل ناهي ڪيو، اسان فوجي عدالتن واري مامري تي حڪومت جي حمايت ڪري زهر جو ڍڪ پيتو آهي.

سينيٽ اجلاس ۾ فوجي عدالتن واري مامري تي ڳالهائيندي پ پ سينيٽر اعتزاز احسن چيو ته نواز ليگ جي حڪومت قومي ايڪشن پلان جي سمورن نقطن تي عمل ڪرڻ ۾ سنجيده نظر نه ٿي اچي.

اعتزاز احسن چيو ته قومي ايڪشن پلان تي عمل نه ڪرڻ باوجود اسان کي فوجي عدالتن جي قيام تي 2015 ۾ به اعتراض هئا، هاڻي به آهن پر ان باوجود فوجي عدالتن واري مامري تي حڪومت جي حمايت ڪري زهر جو ڍڪ پيتو آهي.

هن چيو ته جيڪڏهن قومي ايڪشن پلان جي سمورن نقطن تي سڄي ملڪ ۾، بنا ڪنهن فرق جي عمل ڪيو وڃي ها ته فوجي عدالتن جي گهرج ئي نه پوي ها.

Aitzaz-Dar

اعتزاز احسن جو چوڻ هو ته فوجي عدالتن وارو مامرو ڪنهن به سياسي پارٽي جي اوليتن ۾ شامل نه آهي ۽ هجڻ به نه گهرجي.

سينيٽ اجلاس کي خطاب ڪندي ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار چيو ته، فوجي عدالتن جي مدي ۾ واڌ بابت قومي اسيمبلي مان سومر تي منظوري ورتي ويندي.

اسحاق ڊار چيو ته، حڪومت پاران دهشتگردي جي خاتمي لاءِ ڪيترائي قدم کنيا ويا آهن، اها خوشي جي ڳالهه آهي ته دهشتگردي خلاف عسڪري قيادت، حڪومت ۽ مخالف ڌر جي پارٽين سميت سمورا ادار هڪ پيج تي آهن.

About Asghar Azad

Check Also

“سنڌ کي ٻڏڻ کان بچائڻ لا سنڌو درياءَ مان ڪئنال ڪڍي رهيا آهيون”: واپڊا چيئرمين جو کِل جوڳو دليلُ

سنڌو درياءَ مان 6 نوان ڪئنال ڪچڻ بابر واپڊا چيئرمين جو کِلَ جوڳو دليلُ، “ …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *