Tuesday , April 1 2025
Breaking News

” فوج تي ڊسڪس ڪندئو ته اوهان سان سياست ۾ ڌوٻي گهاٽ وارو حشر ڪنداسين“: شيخ رشيد

اسلام آباد ( خاص نمائندو    سنڌسماءَچار) ” جيڪڏهن اوهان فوج کي اهڙي نموني چئوسول، رستن، ڌوٻي گهاٽ ۽ موچي دروازي تي ڊسڪس ڪندؤ ته ياد رکو اوهان سان به سياست ۾ ڌوٻي گهاٽ وارو سلوڪ ڪيو ويندو“، اهو چوڻ آهي وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد جو. گذريل ڏينهن فيصل آباد جي ڌوٻي گهاٽ واري علائقي ۾ پي ڊي ايم جي جلسي کي مريم نواز جي ڪيل خطاب تيردعمل ظاهر ڪندي اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي گهرو وزير شيخ رشيد چيو ته، گذريل ڏينهن فيصل آباد ۾ مريم نواز جي تقرير مان جيڪڏهن عمران خان جو نالو ڪڍي ڇڏجي ته پوءِ سندس تقرير ۾ هيو ڇا؟ مريم نواز چئي رهي هئي ته، نواز شريف وطن اچڻ لاءِ رت جا ڳوڙها روئي رهيو آهي، شيخ رشيد چيو ته مان سومر ڏينهن صبح جو آفيس وڃي پهريون ڪم وڃي کين اجازت ڏيندس، هي دل سان نه پر واڳون وارا ڳوڙها ڳاڙي رهيا آهن، هُو لنڊن ويو ۽ کيس روئڻ جي ضرورت ناهي. گهرو وزير شيخ رشيد چيو ته عمران خان جي حڪومت کي سوا 3 سال گذري ويا آهن ، مريم نواز هاڻي ڪا به اٿل پٿل ڪرائي، ڪراٽي کيڏي ته پنهنجي سياسي قبر پاڻ کوٽيندينءَ .

About Asghar Azad

Check Also

سياسي ۽ عسڪري قيادت جو نيشنل ايڪشن پلان تي ڀرپور نموني عمل ڪرڻ تي اتفاق

ملڪ ۾ دهشتگردي، خارجين ۽ ادارن سميت اهم قومي معاملن خلاف پروپئگنڊا خلاف نيشنل ايڪشن …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *