فيض گنج تعلقي جي واهن جي پڇڙي ۾ پاڻي جي هٿرادو کوٽ، هاري ۽ آبادگار پريشان
آبپاشي کاتي جا سمورا آفيسر، ننڍا عملدار بااثر ۽ حڪومتي ڌر سان لاڳاپيل چونڊيل نمائندا به سڌي ۽ اڻ سڌي طرح پاڻي جي هٿرادو کوٽ ۾ ڀاڱي ڀائيوار آهن: تصور باقي

فيض گنج ( رپورٽر سنڌسماءَچار) فيض گنج تعلقي جي پڇڙي ۾ پاڻي جي هٿرادو کوٽ، زرعي معيشت تباهي جي ڪناري تي پهچي وئي، هاري، ننڍا کاتيدار ۽ آبادگار معاشي طور بدحال ٿي ويا، آبادگارن پاران آبادگارن جو چوڻ آهي ته آبپاشي کاتي جا عملدار بااثرحڪومتي سياستدانن جي چوڻ تي پاڻي وڪرو ڪري رهيا آهن يا وري نوڪري بچائڻ لاءِ خاموش آهن.
خيرپور ضلعي جَي فيض گنج تعلقي ۾ فيض گنج واهه ۽ ميرواهه سميت چئن واهن ۾ پاڻي هٿرادو کوٽ، غير قانوني واٽر ڪورسن ۽ لفٽ مشينن ذريعي پاڻي چوري خلاف سوسل سوسائٽي پاران احتجاجي مظاهرو، تصور باقي، ڪامريڊ مرتضيٰ شر ۽ شاذ خادم جي اڳواڻي ۾ پڪاچانگ ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. احتجاجي مظاهري کي خطاب ڪندي تصور باقي چيو ته، گذريل ٻن ڏهاڪن کان کان فيض گنج تعلقي جي چئن واهن جي پڇڙي ۾ هر مند ۾ پاڻي جي هٿرادو کوٽ پيدا ڪئي وڃي ٿي، آبپاشي کاتي جا سمورا آفيسر ۽ عملدار بااثر ۽ حڪومتي ڌر سان لاڳاپيل چونڊيل نمائندا به سڌي ۽ اڻ سڌي طرح پاڻي جي هٿرادو کوٽ ۾ ڀاڱي ڀائيوار آهن. هن چيو ته فيض جا آبادگار، هاري، سياسي سماجي تنظيمون پاڻي جي هٿرادو کوٽ، پاڻي چوري مختلف وقتن تي احتجاج ڪندا رهندا آهن، پر سول سوسائٽي پاڻي کوٽ سميت هر عوامي مسئلي تي آواز اٿاريو آهي. تصور باقي، ڪامريڊ مرتضيٰ شر، شاذ خادم ۽ ٻين مطالبو ڪيو ته ميرواهه ۽ فيض گنج واهه سميت تعلقي جي چئني واهن مان پاڻي چوري ۽ هٿرادو کوٽ جو مسئلو مستقل بنيادن تي حل ڪري علائقي جي آبادگارن، ننڍن کاتيدارن ۽ هارين جي پريشاني ختم ڪري زراعت ۽ زراعت سان لاڳاپيل سموري معيشت کي تباهه ٿيڻ کان بچايو وڃي، ٻي صورت ۾ ڀرپور عوامي احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي.
قومي تحريڪ جو تنقيدي جائزو يا خوداحتسابي جون ڳالهيون!! _ اصغر آزاد
سنڌسماءَچار