فيض گنج جي اسپتال ۾ عملي ۽ دوائن جي کوٽ خلاف شهرين جو احتجاج

فيض گنج( رپورٽر سنڌسماءَ چار) فيض گنج جي بنيادي صحت مرڪز ۾ ڊاڪٽرن، پيراميڊيڪل اسٽاف ۽ دوائين جي کوٽ سميت ٻين سهولتن جي آن هوند خلاف شهرين ڪامريڊ مرتضيٰ شر، جنيد چانگ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ اسپتال کان احتجاجي ريلي ڪڍي مک چوڪ تي ڌرڻو هني. احتجاج ڪندڙن چيو ته رورل هيلٿ سينٽر کي تعلقي اسپتال جو درجو ملڻ باوجود تعلقي اسپتال واريون سهولتون نه ڏنيون ويون آهن. هنن وڌيڪ چيو ته علائقي جي 4 لک آبادي جي علاج لاءِ اسپتال ۾صرف ٻه ڊاڪٽر مقرر ڪيل آهن، جڏهن ته ٽن مهينن کان دوائون به نه پيون ڏنيون وڃن. هنن مطالبو ڪيو ته اسپتال مان عملي ۽ ڊاڪٽرن جي کوٽ ختم ڪري شهرين کي علاج جون سموريون سهولتون فراهم ڪيون وڃن.

About

Check Also

”پريا ڪماري جي ويجهو پهتا آهيون“،سنڌ حڪومت جون دعوائون ڪوڙيون ثابت

  ڪراچي (رپورٽ: اصغر آزاد  سنڌسماءَچار) سنگرار مان اغوا ٿيل معصوم نياڻي پرياڪماريءَ جي آزادي/ …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *