فيض گنج(رپورٽر سنڌسماءَچار) فيض جي ڳوٺ ننگر خان شر جي ڳوٺاڻن کي، اسڪول جي مرمتي ۽ اڏاوتي ڪم ۾ ناقص مٽيريل استعمال ڪرڻ جي شڪايت ڳچي پئجي وئي آهي، بااثر ٺيڪيدار اسڪول ۾ اڳ موجود نلڪو، فرنيچر ۽ ٻيو سامان به غائب ڪري ڇڏيو، معصوم شاگرد ۽ شاگردياڻيون پريشان. sindhsamaachar.com جي رپورٽ مطابق ايڊيوڪيشن ورڪس کاتي پاران قديمي ڳوٺ ننگر خان شر جي پرائمري اسڪول جي مرمتي ۽ اڏاوتي ڪم ۾ بااثر ٺيڪيدار پاران ناقص مٽيريل استعمال ڪرڻ سبب اسڪول جي عمارت مضبوط ٿيڻ بدران ڊهڻ لڳي آهي. ڳوٺاڻن پاران جڏهن ٺيڪيدار سان شڪايت ڪئي ته خيرپور ضلعي جي انتهائي بااثر ۽ سياسي پٺڀرائي رکندڙ ٺيڪيدار ڌمڪيون ڏيارڻ شروع ڪيون. اسڪول جي مرمتي ڪم ۾ ناقص مٽيريل استعمال ٿيڻ جي نتيجي ۾ اسڪول جي عمارت ۾ ڏار پئجي ويا آهن ۽ شاگردن توڙي استادن جون زندگيون خطري ۾ پئجي ويون آهن. ڳوٺاڻن سنڌسماءَچار جي عيوضي کي ٻڌايو ته، ناقص مٽيريل جي استعمال جون شڪايتون ڪرڻ تي بااثر ٺيڪيدار پاران ڌمڪيون ۽ گٿا لفظ ڳالهائڻ لڳو. ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته ٺيڪيدار اسڪول ۾ لڳل نلڪو اهو چئي ڪڍيو ته نئون نلڪو لڳائيندو ۽ اسڪول ۾ اڳ موجود فرنيچر کڻائي ويو آهي ۽ ڪجهه بئنچون ڀڃي ڇڏيون آهن، جنهن بابت ٺيڪيدار چيو ته ڪم دوران ڀڄي پيو آهي ان جي عيوض نئون فرنيچر مهيا ڪيو ويندو. ان سلسلي ۾ اهو به معلوم ٿيو آهي ته بااثر ٺيڪيدار ۽ ايجوڪيش ورڪس کاتي جي سرويئر، سپروائيز جي ملي ڀڳت سان مرمتي ۽ اڏاتي ڪم جا بل اڳواٽ ڪليئر ڪرائي فنڊز ڪڍرائي ڇڏيا آهن.
Check Also
تمام جلد…..ٻيهر اچي رهيا آهيون
سنڌسماءَچار جي پڙهندڙن لاءِ خوشخبري ڪجهه اڻٽر مجبورين سبب اوهان کي پري رهياسين، هاڻي جلد …