فيض گنج(رپورٽر سنڌسماءَچار) اڪري ويجهو زمين جي مالڪي تان مري برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران باٺا ۽ ڪهاڙيون لڳڻ جي نتيجي ۾ 16 ڄڻا زخمي ٿي پيا. اڪري ٿاڻي جي حد ۾ ٿيل جهيڙي دوران زخمي ٿيل سمورن مردن ۽ عجورتن کي تعلقي اسپتال فيض گنج ۾ داخل ڪيو ويو آهي. ڳوٺ ڌڻي بخش مري ۾ مري برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ جهيڙي دوران لٺيون ۽ ڪهاڙيون لڳڻ جي نتيجي ۾ زخمي ٿيلن ۾ خير بيبي، گنج بيبي، زر بيبي، غلام فاطمه، مهناز، مر بيبي مري، حاصل مري، سيفل، حمل مري، ڄام مري، ظفر، عبدالصمد، اشرف، ٻارڙو عبدالحمید مري سميت 16 ڳوٺاڻا شامل آهن. پوليس معاملي جو اڃا تائين ڪو به ڪيس داخل ناهي ڪيو ۽ نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي آهي.
Check Also
سموري سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ، ٺٽي ۾ پيئڻ جو پاڻي اڻلڀ ٿيڻ لڳو، 6ڪئنالن خلاف سنڌ سراپا احتجاج بڻيل
سموري سنڌ ۾ پاڻي جي شديد کوٽ، بيٺل فصل سڪڻ لڳا، ٺٽي ضلعي ۾ پيئڻ …