فيض گنج جي ڳوٺ ڌڻي بخش ۾ مري ۾ جهيڙو،6 عورتن سميت 16 ڄڻا زخمي

فيض گنج(رپورٽر  سنڌسماءَچار) اڪري ويجهو زمين جي مالڪي تان مري برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران باٺا ۽ ڪهاڙيون لڳڻ جي نتيجي ۾ 16 ڄڻا زخمي ٿي پيا. اڪري ٿاڻي جي حد ۾ ٿيل جهيڙي دوران زخمي ٿيل سمورن مردن ۽ عجورتن کي تعلقي اسپتال فيض گنج ۾ داخل ڪيو ويو آهي. ڳوٺ ڌڻي بخش مري ۾ مري برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ جهيڙي دوران لٺيون  ۽ ڪهاڙيون لڳڻ جي نتيجي ۾ زخمي ٿيلن ۾ خير بيبي، گنج بيبي، زر بيبي، غلام فاطمه، مهناز، مر بيبي مري، حاصل مري، سيفل، حمل مري، ڄام مري، ظفر، عبدالصمد، اشرف، ٻارڙو عبدالحمید مري سميت 16 ڳوٺاڻا شامل آهن. پوليس معاملي جو اڃا تائين ڪو به ڪيس داخل ناهي ڪيو ۽ نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي آهي.

About

Check Also

سنڌو درياءَ مان نوان ڪئنال ڪڍڻ جو منصوبو؛ وفاقي حڪومت حڪومت ٻيهر سرگرم

وفاقي حڪومت سنڌ سڪائڻ ۽ سنڌ جي زمينن تي قبضا ڪرڻ واري هوڏ تي قائم، …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *