فيض گنج: پيرسن ڳوٺاڻي جو پوليس جي مبينا زيادتين خلاف احتجاج، انصاف جو مطالبو

فيض گنج ۾ ڪوٽ لالو واسي پيرسن ڊي ايس پي جي مبينا زيادتين ۽ زمين تي قبضي خلاف احتجاج ڪيو آهي. ڳوٺ ڏاتر ڏنو خاصخيلي جي رهواسي پيرسن خان محمد خاصخيلي ڪي ٽي اين نيوز آفيس پهچي دانهيو ته سندس حصي جي 2 ايڪڙ زمين ۽ گهر تي سڳن ڀائرن ڏاتر ڏنو، ماستر حبيب الله ۽ ڀائيٽن گذريل 6 سالن کان قبضو ڪري ڇڏيو آهي. هن ٻڌايو ته ڊي آءِ جي سکر ۽ ايس ايس پي خيرپور جي حڪمن باوجود ڊي ايس پي فيض گنج علي گل منگي سندس زمين تي ٿيل قبضو خالي ڪرائڻ لاءِ ڪا به ڪارروائي نٿو ڪري. هن مطالبو ڪيو ته ڊي ايس پي فيض گنج جي لاپرواهي جو نوٽيس وٺي سندس زمين تان قبضو ختم ڪرايو وڃي.

About

Check Also

ايگريڪلچر بيورو اينڊ سپلاءِ ڊپارٽمينٽ ۾ ڪرپشن، من پسند ڪامورا اضافي عهدن تي ويٺل

ڪراچي ( رپورٽ: رحمان ملڪ   سنڌسماءَچار) سنڌ جي ايگريڪلچر بيورو اينڊ سپلاءِ ڊپارٽمينٽ ۾ ڪرپشن …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *