فيض گنج (رپورٽر سنڌسماءَچار) فيض گنج ۾ بدامني جي باهه ڀڙڪي پئي، ڳوٺ ننڌورو لاشاري ۾ زمين جي ملاڪي واري معاملي تان تڪرار ٽن ڄڻن جون حياتيون ڳڙڪائي ورتيون ۽ 4 ڄڻا ڦٽي ٿي پيا آهن. ڳوٺ ننڌرور لاشاري جي رهواسين جي ٻن ڌرين ۾ زمين جي تڪرار تان لاشاري برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران جوابدارن هٿيارن جا منهن کولي ڇڏيا، فائرنگ جي نتيجي ۾ الهبچايو لاشاري سندس ڀاءُ ڪاشف لاشاري ۽ شاهنواز پٽ جوڳي لاشاري ٿڏي تي مارجي ويا. فائرنگ جي نتيجي ۾ 4 ڄڻا ساجد، عابد، الهوڌايو لاشاري ۽ وقار لاشاري ڦٽجي پيا. جهيڙي ۾ قتل ٿيلن جا لاش پوسٽ مارٽم لاءِ فيض گنج جي سرڪاري اسپتال آندا ويا. زخمين کي فيض گنج جي سرڪاري اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو. علائقي واسين ۽ ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته ٿڏي تي اطلاج جي باوجود پوليس 3 ڪلاڪ دير سان واقعي واري هنڌ پهتي، جنهن دوران ڌرين وچ ۾ وقفي وقفي سان فائرنگ جو سلسلو جاري رهيو. علائقي واسين موجب ڌرين وچ ۾ ڪافي عرصي کان 28 ايڪڙن زمين جي معاملي تان تڪرار هلندڙ هو، جهيڙو ڪندڙ پاڻ چاچا ڀائيٽيا آهن.
Tags 3 killed faizgainj Faiz Ganj 3 people killed بد امني جي باهه ڀڙڪي پئي فيض گنج بد امني جي باهه ۾ فيض گنج ۾ 3 ڄڻا مارجي ويا
Check Also
اڳوڻو صوبائي وزير ميرغالب ڊومڪي ڌاڙيلن جي حملي ۾ گهر واري سميت زخمي، 2 محافظ مارجي ويا
خانپور جي فيضو لاڙي واري علائقي ۾ اڳوڻي صوبائي وزير مير غالب خان ڊومڪي تي …