Saturday , December 21 2024

فيض گنج ۾ نينگر سان بدفعلي ڪندڙ جوابدار دامن شر جيل حوالي

فيض گنج ( رپورٽر     سنڌسماءَچار)  پڪاچانگ شهر 3 ڏينهن اڳ مدرسي ۾ نينگر سان بدفعلي جي الزام هيٺ گرفتار ٿيل جوابدار دامن شر کي پوليس سول جج جي عدالت ۾  پيش ڪيو. پوليس جوابدار دامن شر جي جسماني رمانڊ جي درخواست ڪئي. عدالت پوليس جي جسماني رمانڊ واري درخواست رد ڪري کيس 14 ڏينهن جي عدالتي رمانڊ تي  جيل موڪلي ڇڏيو. جوابدار دامن شر 3 ڏينهن اڳ نينگر سان بدفعلي جي ڪيس ۾گرفتار ٿيل جوابدار دامن علي شر کي پوليس سول جج جي عدالت ۾ پيش ڪيو. جتان سول جج معشوق علي ڏاهري جوابدار کي 14 ڏينهن جي ريمانڊ تي جڊيشل جيل حوالي ڪري ڇڏيو.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ ڪابينا جو ڪارونجهر کي ثقافتي ورثي بابت عدالتي حڪم جي ابتڙ منظوري

سنڌ ڪابينا،ڪارونجهر کي ثقافتي ورثي بابت سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي عمل نه ڪيو، …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *