Tuesday , April 1 2025
Breaking News

ٽي ايل پي سربراهه خادم رضوي سميت 400 ڄڻن تي ڪيس داخل

لاهور( سنڌسماءَچار  مانيٽرنگ ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ پاران آسيه بي بي ڪيس جي فيصلي خلاف سڄي ملڪ ۾ احتجاجي ڌرڻن ۽ مختلف هنڌن تي وڳوڙن ۾ ملوث ماڻهن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، ميڊيا رپورٽس مطابق ٽي ايل پي جي سربراهه خادم رضوي سميت 400 ماڻهن کي ايف آءِ آر ۾ جوابدار طور نامزد ڪيو ويو آهي. ميڊيا رپورٽس موجب لاهور جي سول لائنز ٿاڻي تي پنجاب پوليس جي فرياد تي داخل ڪيل ڪيس ۾، ٽي ايل پي جي سرب راهه خادم حسين رضوي، پير افضل قادري، پير ظهير الحسن، علامه فاروق الحسن سميت ٽي ايل پي جي مرڪزي اڳواڻن خاص طور تي لاهور جي اڳواڻن کي نامزد ڪيو ويو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته، سرڪاري فرياد تي داخل ڪيل مختلف ڪيسن ۾ دهشتگردي، ملڪ سان بغاوت، هُل هنگاما ڪرائڻ ۽ دهشت پکيڙڻ جا قلم به شامل ڪيا ويا آهن. ايف آءِ ار ۾ ايم پي او ۽ قلم 144 جي خلاف ورزي جا قلم به لاڳو ڪيا ويا آهن.

About Asghar Azad

Check Also

سياسي ۽ عسڪري قيادت جو نيشنل ايڪشن پلان تي ڀرپور نموني عمل ڪرڻ تي اتفاق

ملڪ ۾ دهشتگردي، خارجين ۽ ادارن سميت اهم قومي معاملن خلاف پروپئگنڊا خلاف نيشنل ايڪشن …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *