لاڙڪاڻي جي ترقي جو لاجواب مثال، ڳوٺ حمير شر ۾ شاخ تي پل نه هجڻ سبب جنازو واهه مان کنيو ويو

لاڙڪاڻو( رپورٽر    سنڌسماءَچار) شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد بينظير ڀٽو جي اباڻي علائقي ڳڙهي خدابخش ۾ پ پ پ پاران ڪرايل ترقياتي ڪمن جو مثار سامهون اچي ويو آهي، ڳوٺ حمير شر جي ڀرسان وهندڙ شاخ تي پل نه هجڻ سبب ڳوٺاڻن کي جنازو به شاخ کڻي ٻئي پار وڃڻو پيو. ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته هُو پيپلز پارٽي جا ووٽر آهن ڳوٺ جي مسئلن جي حلا لاءِ تڪ جي چونڊيل عوامي نمائندن ڏانهن پنڌ ڪندا رهياسين. هنن چيو ته، ووٽ وٺي چونڊجڻ کانپوءِ ڪير مسئلا حل ڪرڻ ته پري جي ڳالهه آهي پري نمائندا ملڻ لاءِ به تيار ناهن هوندا. ڳوٺاڻن جو چوڻ هو ته سندن ڳوٺ ڀر سان شاخ آهي، جنهن تي پل ٺهرائي ڏيڻ لاءِ تڪ جي عوامي نماندن کي چوندا رهياسين پر ڪنهن به سندن مسئلو حل نه ڪيو. اڄ جڏهن فوتگي ٿي ته جنازي کڻي وڃڻ لاءِ به اسان کي شاخ مان گذرڻو پيو آهي ۽ اهڙا واقعا کوڙ ڀيرا ٿيا آهن.

https://sindhsamaachar.com/2018/07/12/%D9%BE-%D9%BE-%D8%B3%D9%86%DA%8C-%D8%AC%D9%8A-%D8%B5%D8%AF%D8%B1-%D9%86%D8%AB%D8%A7%D8%B1-%DA%A9%D9%87%DA%99%D9%88-%DA%A9%D8%A7%D9%86-%D9%88%D9%88%D9%BD%D8%B1-%D8%AC%D9%88-%D9%BE%DA%87%D8%A7%DA%BB/

About

Check Also

ايگريڪلچر بيورو اينڊ سپلاءِ ڊپارٽمينٽ ۾ ڪرپشن، من پسند ڪامورا اضافي عهدن تي ويٺل

ڪراچي ( رپورٽ: رحمان ملڪ   سنڌسماءَچار) سنڌ جي ايگريڪلچر بيورو اينڊ سپلاءِ ڊپارٽمينٽ ۾ ڪرپشن …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *