Sunday , February 23 2025

لاڙڪاڻي جي ترقي جو لاجواب مثال، ڳوٺ حمير شر ۾ شاخ تي پل نه هجڻ سبب جنازو واهه مان کنيو ويو

لاڙڪاڻو( رپورٽر    سنڌسماءَچار) شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد بينظير ڀٽو جي اباڻي علائقي ڳڙهي خدابخش ۾ پ پ پ پاران ڪرايل ترقياتي ڪمن جو مثار سامهون اچي ويو آهي، ڳوٺ حمير شر جي ڀرسان وهندڙ شاخ تي پل نه هجڻ سبب ڳوٺاڻن کي جنازو به شاخ کڻي ٻئي پار وڃڻو پيو. ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته هُو پيپلز پارٽي جا ووٽر آهن ڳوٺ جي مسئلن جي حلا لاءِ تڪ جي چونڊيل عوامي نمائندن ڏانهن پنڌ ڪندا رهياسين. هنن چيو ته، ووٽ وٺي چونڊجڻ کانپوءِ ڪير مسئلا حل ڪرڻ ته پري جي ڳالهه آهي پري نمائندا ملڻ لاءِ به تيار ناهن هوندا. ڳوٺاڻن جو چوڻ هو ته سندن ڳوٺ ڀر سان شاخ آهي، جنهن تي پل ٺهرائي ڏيڻ لاءِ تڪ جي عوامي نماندن کي چوندا رهياسين پر ڪنهن به سندن مسئلو حل نه ڪيو. اڄ جڏهن فوتگي ٿي ته جنازي کڻي وڃڻ لاءِ به اسان کي شاخ مان گذرڻو پيو آهي ۽ اهڙا واقعا کوڙ ڀيرا ٿيا آهن.

http://www.sindhsamaachar.com/2018/07/12/%D9%BE-%D9%BE-%D8%B3%D9%86%DA%8C-%D8%AC%D9%8A-%D8%B5%D8%AF%D8%B1-%D9%86%D8%AB%D8%A7%D8%B1-%DA%A9%D9%87%DA%99%D9%88-%DA%A9%D8%A7%D9%86-%D9%88%D9%88%D9%BD%D8%B1-%D8%AC%D9%88-%D9%BE%DA%87%D8%A7%DA%BB/

About Asghar Azad

Check Also

ڊاڪٽر آڪاش انصاري کي قتل ڪرڻ بعد لاش کي باهه ڏئي ساڙڻ جي تصديق

حيدرآباد (خاص نمائندو  سنڌسماءَچار) شهيد ڊاڪٽر آڪاش انصاري کي ڇُرين سان وار ڪري قتل ڪرڻ …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *