لاڙڪاڻو( رپورٽر سنڌ سماءَ چار) لاڙڪاڻي ويجهو لاڏائو فقيرن جي ٻن ڌرين ۾ سڱاوتي تڪرار تان جهيڙي جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو ۽ عورت سميت 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا، متاثر ڌر جو چوڻ آهي ته هٿياربند سندن ٻن نارين کي به اغوا ڪري ويا آهن. ڳوٺ وڏا مهر ۾ لاڏائو فقيرن جي ٻن ڌرين وچ ۾ سڱاوتي تڪرار تان جهيڙو ٿي پيو، جنهن دوران ڪهاڙيون لڳڻ سبب هڪ ڄڻو علي حسن مارجي ويو، جڏهن ته عبدالرحمنٰ کوکر ۽ مسمات سڪينه سخت زخمي ٿي پيا. اطلاع تي پوليس پهچي مقتول جو لاش چانڊڪا اسپتال منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي کانپوءِ مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو.وارثن جو چوڻ آهي ته جوابدارن ظهور، زوار کوکر، خادم، صفدر، سليم ۽ ٻين گهرن تي حملو ڪري نوجوان کي قتل ڪيو. هنن چيو ته جوابدار ٻن نوجوان نارين نصيبو ۽ ڪلثوم کوکر کي اغوا پڻ ڪري ويا آهن، جن جو ڪٿي به ڏس پتو نه پيو ملي. آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪو به ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو ۽ نه ئي گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي هئي.
Check Also
سموري سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ، ٺٽي ۾ پيئڻ جو پاڻي اڻلڀ ٿيڻ لڳو، 6ڪئنالن خلاف سنڌ سراپا احتجاج بڻيل
سموري سنڌ ۾ پاڻي جي شديد کوٽ، بيٺل فصل سڪڻ لڳا، ٺٽي ضلعي ۾ پيئڻ …