Monday , May 12 2025

لسٻيلي ويجهو موٽرسائيڪل سوارن کي بچائيندي ڪار ڪلٽي،4 ڄڻا فوت

لسٻيلو( سنڌسماءَچار   مانيٽرنگ ڊيسڪ) بلوچستان جي علائقي لسٻيلو ۾ ڪار موٽر سائيڪل کي بچائيندي پل سان ٽڪرائجي ڪلٽي ٿي پئي جنهن جي نتيجي ۾ هڪ عورت ۽ ٻار سميت 4 ڄڻا فوت ۽ 2 زخمي ٿي پيا. لسٻيلي جي سوناري ويجهو تيز رفتار ڪار موٽر سائيڪل کي بچائيندي پُل سان ٽڪرائجي ڪلٽي ٿي پئي. حادثي جي نتيجي ۾ هڪ عورت ۽ هڪ ٻار سميت 4 ڄڻا فوت ۽ 2 زخمي ٿي پيا. حادثي بعد پوليس واقعي واري هنڌ پهچي فوتين جا لاش ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو جتي زخمين کي طبي امداد ڏني پئي وڃي. پوليس جو چوڻ آهي ته واقعو تيز رفتاريءَ سبب پيش آيو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

پيپلزپارٽي جو25 اپريل وارو جلسو خطري ۾، پيپلزپارٽي پريشان

راڻا ثناءُ الله ۽ شرجيل ميمڻ وچ ۾ فون تي ٻه ڀيرا رابطا ضرور ٿيا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *