مان ڪجه ڳالهيون صاف ڪيان۔ پر اڳ ۾ لکندو هلان ته مان ڪاوش ۾ منظور ميراڻي جي نوڪري کان الاهي سال اڳ کان لکندو آهيان. 94 ۾ لکيل آرٽيڪل به آهن مون وٽ. سو متان چئو ته مان مضمون ڇپجڻ لاءِ منظور جي خوشامد پيو ڪيان ، منظور ته اڄ به مهنجو ڪو، ڪو مضمون ناهي ڇاپيندو. جيڪو سندس ايڊوٽوريل انچارج هجڻ ناطي سندس صوابديد آهي.
مان منظور کي هميشه ميرٽ ، شرافت ۽ فضيلت وارو هڪ سچو عوام دوست، سنڌ دوست ۽ دوستن جو دوست شخص طور پاتو آهي.
هاڻي اچون ٿا اسان تي ان الزام تي ته ڪجهه دوست لنڊن ۾ پروگرام خلاف هرو ڀرو مهم پيا هلائين. ڪجهه همراهن سوشل ميڊيا تي ڪاوش ۾ خط لکڻ وارن جا شناختي ڪارڊ گهريا آهن.
خط لکڻ وارن جي شناختي ڪارڊن کي ڇڏيو. ڇا منهنجو شناختي ڪارڊ کپي جو سڀ کان اڳ ان معاملي تي منهنجو مضمون ڪاوش ۾ ڇپيو هو، جنهن ۾ مان لنڊن مان لکندي اها ڳالهه واضع ڪئي هئي ته غريب سنڌ جا ڪروڙين رپيا لنڊن ۾ صوفيت جي نالي ۾ هڪ ميوزڪ شام ملهائڻ تي خرچ ڪرڻ جي منصوبه بندي ڪئي پئي وڃي.
مان اهو مضمون 15 آگسٽ تي لنڊن مان ڪاوش ۾ موڪليو هو. جنهن جي ملي وڃڻ جي تصديق منظور مون سان ان ڏينهن ئي ڪئي.
جيڪڏهن منظور يا ڪاوش وارن جي ثقافت کاتي وارن جي خلاف نيت بد هجي ها ته اهو مضمون ٻي ڏينهن 16 آگسٽ تي ڇپجي وڃي ها، ( جيئن اڪثر منهنجا مضمون ڇپبا آهن) ڇاڪاڻ جو مضمون ته ثقافت کاتي جي خلاف هو. پر مضمون 11 ڏينهن کان پو 26 آگسٽ تي ڇپيو.
دير سان ڇپجڻ جو سبب اهو هو جو مضمون ڪرنٽ اشو تي نه هو. ڪرنٽ اشوز کان هٽيل مضمون ڪڏهن به اسپيس ملڻ تي ايڊجسٽ ڪبا آهن. ان مان ثابت ٿيو ته جي منظور کي ذاتي عناد هجي ها ته 11 ڏينهن ليٽ نه ڪري ها.
26 آگسٽ تي ڇپيل منهنجي مضمون بعد ان معاملي تي هڪ اڌ خط ڪاوش ۾ ڇپيو. ڪجهه سوال اٿيا پر معاملو وڌيو اردو ٽي وي چينلس تي ڪراچي ۾ مان خبرون اچڻ بعد. اسان جي پياري دوست شهاب اوستو کي شابس آهي ته هن ان معاملي تي انتهائي اصولي ڪيس رکيو پر اهو سڀ به بعد ۾ ٿيو آهي. ان ۾ منظور ميراڻي، يا شهاب اوستو جو ڪهڙو قصور؟ باقي ها اها هنن جي سنڌ سا سچائي آهي جو هنن ان معاملي جي حساسيت کي سمجهي اسٽينڊ ورتو۔ لنڊن جي سينئر صحافي عمر ميمڻ کي به شابس آهي. جيڪو اتان جي هڪ هڪ ڳالهه جو چٽو شاهد آهي ۽ کيس اهڙن پروگرامن ۽ اهڙا پروگرام ڪرڻ وارن ۽ ڪرائڻ وارن جي ايڏي ڄاڻ آهي ؛ دائيء کان دن ڳجهو ؟
“هاڻي اچون ٿا صوفي ڪانفرنس ٿيڻ تي. مون ان مضمون ۾ لکيو هو ته ، لنڊن ۾ ڪجهه اهڙا سنڌي به آهن، جيڪي هتي سٺا سيٽ آهن. پنهنجا ڪاروبار يا سٺيون نوڪريون، برٽش پاسپورٽ، آزاد فضا ۽ آزاد زندگي آهي، پر پوءِ به سنڌ مان ڪو حڪمران پارٽيءَ جو ماڻهو، ڪو ڪامورو، ڪو وزير اچي ٿو ته ان جي اڳيان پويان هلڻ لاءِ وسان نٿا گهٽائين. اهڙي قسم جا ماڻهو عام ماڻهو هجن ته چئجي کڻي ته مٿن ڪا ميار ناهي، پر اهي جيڪي سڄو ڏينهن سوشل ميڊيا تي سنڌ، سنڌ ڪندي ٿڪبا ناهن ۽ سنڌ جي تباهيءَ تي سندن بحث، لکڻيون، پوسٽنگس بي حساب آهن، پر سنڌ کي ان حال ۾ پهچائيندڙ پارٽي جو ڪو وزير يا ايم پي اي شل نه لنڊن اچي ٿو ته ان جي خوشامد، دعوتون ڏسڻ وٽان هونديون آهن. اهڙي قسم جا ماڻهو انهن وزيرن، مشيرن آڏو وڇائجي وڃن ٿا. مجال آهي جو اهي ميزبان ان وزير، مشير کان اهو پڇن ته سنڌ جي صحت، اسپتالون، اسڪول تباهه ڪري، سڄي بجيٽ کائي ويا آهيو، سنڌ جي اسپتالن جي ڪروڙن جي بجيٽ هوندي به سوين ٻار مرن ٿا، يا سنڌ جي تعليم تباهه ٿي وئي آهي، باوجود تمام وڏي بجيٽ هجڻ جي آخر ائين ڇو آهي؟
مون کي خبر پئي ته ڪجهه وقت اڳ سنڌ جو هڪ وزير لنڊن ۾ سنڌين جي هڪ دعوت ۾ اعلان ڪري ويو آهي ته لنڊن ۾ ميوزڪ شو ڪرائي سنڌي ڪلچر کي هٿي وٺرائيندو. مون سوچيو هو ته لنڊن ۾ ورلڊ سنڌي ڪانگريس، سنڌي سنگت آف يو ڪي، سنڌي هندن جون تنظيمون سال ۾ ڪيترا ئي ڀيرا سنڌي موسيقيءَ جا پروگرام ڪرائينديون آهن. ان کان علاوه ”ايڪتا“ جي عنوان سان ثقافتي طور سنڌين جي گڏجڻ جو ڏينهن به هتي وڏي جوش سان ملهايو ويندو آهي. اهي سڀ پروگرام پاڻ ۾ پيسا گڏ ڪري ڪيا ويندا آهن. ماڻهو لنڊن ۾ پنهنجي ثقافت سان پيار جي اظهار لاءِ خوشيءَ سان پئسا ڀريندا آهن. پوءِ اهو ڇو ضروري آهي ته سنڌ جي ماڻهن جي ٽيڪس جا ڪروڙين رپيا لنڊن ۾ ڪجهه ڪلاڪن جي موسيقيءَ جي پروگرام تي جا ايئن ضايع ڪيا وڃن؟ هاڻي لنڊن ۾ اچي خبر پئي آهي ته اهڙي پروگرام کي ڪرائڻ جون زور شور سان تياريون شروع آهن.”( ڪاوش 26 آگسٽ)
هاڻي ڪو ٻڌائي ته ان معاملي کي اٿارڻ ۾ ڪهڙي خرابي آهي؟ اها ته چوري، سينا زوري ٿي ته اسان لٽيون، ڦريون، لٽايون ، ڦرايون، توهان لکو به نه۔، پڇو به نه۔ اها ته لٽيري ٽولي جن جي ڪرپشن سان سندن فائيل ڀريا آهن جي دادا گيري چئبي به.
لنڊن وارا پروگرام پاڻ ڪن ها، پو ثقافت کاتو ، ٻه فنڪار ( سنگ جي به ضرورت ناهي، لنڊن ۾ پروفيشنل سنگ سستي اگهه تي ملندا آهن) موڪلي مدد ڪرين ها ، يا هزار، ٻه هزار پائونڊ وارو ڪو هال به هڪ شام لاءِ بڪ ڪري ڏين ها ته سٺو نه هو ؟، جو ڪروڙن جو خرچ ڪجي، ڀلي پنج ، اٺ ڪروڙ ڇو نه هجي.
بابا ، هي سڀ سنڌ ۽ صوفيت جي اڙ ۾ لٽ مار آهي۔ لٽيو، ڦريو ته ائين ئي اٿا، هاڻي سنڌ لان ٻاهر به ۽ اتي به سنڌ جي نالي ۾ ائي ؟.
مون کي ان پروگرام جي حمايت ۾ توبن جا منهن کوليندڙن لاٺڙن تي ڪو عجب ناهي. اهي پيپلز پارٽي جي ڪرپشن جا سهولت ڪار آهن ۽ مستقل فائدا وٺندا رهندا آهن۔سو اها انهن جي ڊيوٽي آهي.
ڳالهه ختم ٿا ڪيون ته هي ڪو سهيل ميمڻ ، منظور ميراڻي، شهاب اوستو، مظفر چانڊيو ، ماجد صديقي,دستگير ڀٽي، يا ٻين دوستن جو ذاتي جهيڙو ناهي. هي ٻن خيالن جو جهيڙو آهي۔ هڪڙا سمجهن ٿا ڪرپشن ڪرڻ وارئو تباهه ٿيل سنڌ جي سڄي رت چوسي ويا آهيو هاڻي ته بس ڪيو۔۽ ٻيا چون ٿا رت چوسين ٿا ته پو ڪهڙي خرابي آهي ( ۽ ان حمايت جي هو پوري قيمت وصول ڪن ٿا.