اسلام آباد ( رپورٽر سنڌسماءَچار) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي لياري ۾ ضابطه اخلاق جي ڀڃڪڙي جو نوٽيس جاري ڪندي 5 جولاءِ تائين جواب جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي، پ پ اڳواڻ سعيد غني چيو آهي ته هنن لياري دوري بابت انتظاميا کي آگاهه ڪيو هو. ڊپٽي ڪمشنر ڏکڻ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي نوٽيس جاري ڪندي ڄاڻايو آهي ته پهرين جولاءِ تي لياري ۾ نڪتل ريلي بابت انتظاميا کي آگاهه نه ڪري ضابطا اخلاق جي ڀڃڪڙي ڪئي وئي. ڊپٽي ڪمشنر پ پ چيئرمين کي 5 جولاءِ تائين ضابطا اخلاق جي ڀڃڪڙي بابت جواب جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي آهي. نوٽيس ۾ چيو ويو آهي ته جيڪڏهن بلاول ڀٽو زرداري وضاحت نه ڪئي ته ان خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. هوڏانهن پ پ اڳواڻ سعيد غني وضاحت ڪندي چيو آهي ته پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري لياري ۾ ريلي نه پر دورو ڪيو هو. واضح رهي ته پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چونڊ مهم جي شروعات لياري مان ڪئي هئي، جنهن دوران سندس قافلي تي پٿراءُ به ڪيو ويو هو. پ پ چيئرمين بلاول جي قافلي تي پٿراءُ جو چار سئو کان وڌيڪ ماڻهن تي ڪيس به داخل ڪرايو ويو هو.
Check Also
سموري سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ، ٺٽي ۾ پيئڻ جو پاڻي اڻلڀ ٿيڻ لڳو، 6ڪئنالن خلاف سنڌ سراپا احتجاج بڻيل
سموري سنڌ ۾ پاڻي جي شديد کوٽ، بيٺل فصل سڪڻ لڳا، ٺٽي ضلعي ۾ پيئڻ …