لياري ۾ پ پ جي ريلي تي پٿراءُ،نگران صوبائي وزير جميل يوسف ڌر بڻجي ويو

ڪراچي( رپورٽ: اصغر آزاد     سنڌسماءَچار)   لياري ۾ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي ريلي تي پٿراءَ واري واقعي بابت، نگران صوبائي وزير اڻسڌي طرح ڌر بڻجندي پ پ تي ڇوهه ڇنڊيا. جميل يوسف جو چوڻ هو ته، پيپلز پارٽي وارا پنهنجي حڪومت دوران ئي لياري نه وڃي سگهندا هئا ته هيئنر اليڪشن جي ماحول ۾ ڪيئن وڃي سگهندا. جملي يوسف چيو ته، پ پ لياري ۾ ريلي ڪڍڻ جي اجازت نه ورتي هئي. ريلي کان پهريان سياسي جماعتن کي اجازت وٺڻ گهرجي. لياري جي علائقي هڱورا آباد ۾ بلاول ڀٽو زرداري جي قافلي کي روڪڻ  ۽ گاڏين جا شيشا ٽوڙڻ تي ردعمل ڏيندي نگران صوبائي وزير چيو ته پ پ لاءِ اقتدار ۾ هئڻ وقت به لياري ۾ وڃڻ آسان نه هو. هن سوال ڪيو ته  پ پ پنهنجي دور ۾ اربين رپين جي بجيٽ ڪاٿي خرچ ڪئي؟  هن چيو ته پ پ لياري واسين کي  نه بجلي ڏني نه  ئي پاڻي، انڪري عوام جو رد عمل ته  فطري اهڙو ئي اچڻو هو.

About

Check Also

سنڌو درياءَ مان نوان ڪئنال ڪڍڻ جو منصوبو؛ وفاقي حڪومت حڪومت ٻيهر سرگرم

وفاقي حڪومت سنڌ سڪائڻ ۽ سنڌ جي زمينن تي قبضا ڪرڻ واري هوڏ تي قائم، …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *