لياقت جتوئي جي تڪ ۾ پيپلز پارتي پاران سياسي طاقت جو مظاهرو

دادو (رپورٽر    سنڌ سماءَ چار) پيپلزپارٽي پاران اڳوڻي وڏي وزير لياقت جتوئي جي تڪ ۾ سياسي طاقت جي مظاهري لاءِ ميهڙ ويجهو ڳوٺ بخش لاکير ۾ جلسو، وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته بجلي، پاڻي ۽ ٻين  وسيلن جي ورڇ ۾ وفاق سنڌ سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪري رهيو آهي، اڄوڪي جلسي مخالفن کي اهو پيغام ڏنو آهي ته ٻيهر ووٽ وٺڻ سنڌ نه اچجو. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد شاه چيو آهي ته نام نهاد پارٽين جو مقصد عوام جي خدمت ڪرڻ نه پر صرف اقتدار حاصل ڪرڻ آهي. ڳوٺ بخش لاکير ۾ جلسي کي خطاب ڪندي سيد مراد علي شاهه چيو ته بجلي، پاڻي ۽ ٻين معاملن تي وفاق سنڌ سان ماتيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪري رهي آهي. اڄوڪي جلسي ۾ مخالفن کي اهو سبق مليو آهي ته ٻيهر سنڌ مان ووٽ وٺڻ نه اچجو. هن چيو ته سنڌ جو عوام ووٽ صرف پ پ کي ڏيندو، اسان ٻيهڙ چونڊون کٽي بلاول کي وزير اعظم ڪنداسين.مراد علي شاهه چيو ته سڀاڻي پ پ طرفان حيدرآباد ۾ وفاق جي ذيادتين خلاف احتجاج ڪيو ويندو.جلسي کي ٻين اڳواڻن پڻ خطاب ڪيو ان موقعي تي برگيڊيئر رٽائرڊ طارق لاکير پ پ ۾ شموليت جو اعلان ڪيو.

About

Check Also

وونئڻن جي جي پوکي80 سيڪڙو گهٽجي وئي،1000جننگ فئڪٽريون بند ٿي ويون: شام لال/ڊاڪٽر جيسو م

سنڌ سميت پاڪستان ۾ حڪومتي جي بي ڌياني، ٽئڪسز ۽ جعلي ٻج سبب وونئڻن جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *