ليڪچرارن کي ٽائيم اسڪيل ڏيو ٿا؟ يا وڏي وزير کي توهين عدالت جو نوٽيس ڏيون؟ سنڌ هاءِ ڪورٽ

ڪراچي (چيف رپورٽر   سنڌسماءَچار ) سنڌ هاءِ ڪورٽ سنڌ جي 10 هزار کان وڌيڪ ليڪچرارن کي 10 ڏينهن اندر ٽائيم اسڪيل ڏيڻ جو حڪم ڏيندي، ڪاوڙ  جو اظهار ڪندي چيو ته، ليڪچرارن کي ٽائيم اسڪيل ڏيو يا اوهان چاهيو ٿا ته وڏي وزير کي توهين عدالت جا نوٽيس جاري ڪيون؟ ليڪچرارن کي ٽائيم اسڪيل ڏيڻ لاءِ سنڌ هاءِ  ڪورٽ جي حڪم تي عمل نه ٿيڻ واري معاملي جي ٻڌڻي دوران عدالت اسسٽنٽ ايڊووڪيٽ جنرل کان پڇاڻو ڪيو ته؛ ڇا عدالتي حڪم تي عمل ٿيو ۽ ليڪچرارن کي تائيم اسڪيل ملي ويو آهي؟ جنهن تي اسسٽنٽ ايڊووڪيٽ جنرل، عدالت کي ٻڌايو ته عدالتي حڪم تي عمل ٿي ناهي سگهيو، ان تي جلد عمل ڪيو ويندو جنهن لاءِ ڪجهه وقت ڏنو وڃي. جنهن تي ڪيس جي ٻڌڻي ڪندڙ جج، جسٽس محمد علي مظهر چيو ته توهان مونجهارا پيدا ڪرڻ گهرو ٿا ته نتيجن لاءِ به تيار رهو، ماڻهو سال کان ڌڪا کائي رهيا آهن، توهان کي ٿورو به احساس نه آهي، عدالت جو حڪم وڏي وزير ۽ چيف سيڪريٽري لاءِ هو، توهين عدالت جي ڪارروائي لاءِ تيار رهو.

https://sindhsamaachar.com/ur/%d9%84%d9%85%d8%b3-%da%84%d8%a7%d9%85%d8%b4%d9%88%d8%b1%d9%88-%d8%ac%d9%8a-%d9%be%d8%b1%d9%88-%d9%88%d9%8a-%d8%b3%d9%8a-%d9%8a%d9%88%d9%86%d9%8a%d9%88%d8%b1%d8%b3%d9%bd%d9%8a-%db%be-%d8%a8%d8%a7%d8%af/

 

About

Check Also

سنڌو درياءَ مان نوان ڪئنال ڪڍڻ جو منصوبو؛ وفاقي حڪومت حڪومت ٻيهر سرگرم

وفاقي حڪومت سنڌ سڪائڻ ۽ سنڌ جي زمينن تي قبضا ڪرڻ واري هوڏ تي قائم، …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *