Tuesday , April 1 2025
Breaking News

لکي غلام شاهه ۾ ارڙي وبائي صورت اختيار ڪرڻ لڳي، صحت کاتو ننڊ ۾

سکر( خاص نمائندو   سنڌ سماءَ چار) لکي غلام شاھه ويجهو ارڙي جي بيماري وبائي صورت اختيار ڪري وئي آهي، هڪ ڏينهن دوران 2 ٻارڙيون فوت ٿي ويون، علائقي جا ڪيترائي ٻارڙا ارڙي جي مرض وگهي اسپتالن اسپتالن ۾ داخل آهن، علائقي واسين جو چوڻ آهي ته دانهڻ باوجود صحت کاتي ڪو به نوٽيس ناهي ورتو. لکي غلام ساهه جي ڳوٺ ٻڍو مهر ۾ گذريل ڏينهن  ارڙي وگهي هڪ سال جي ٻارڙي فرحانه ۽ ڏيڍ سال جي عافيه مهر فوت ٿي ويون آهن.  ڳوٺ ۾ ارڙي جي بيماري ڦهلجڻ سبب ڪيترائي ٻار اسلم، طاهره، مائره، آمنا، مديحا، سليمان، عائشا، ريحانا، تهمينا ۽ فرحان سميت ڪيترائي ٻار مبتلا ٿي ويا آهن. ان موقعي ته رهواسين جو چوڻ هو ته سرڪاري اسپتال جا ڊاڪٽر دوا ڏيڻ بعد چون ٿا ٻارن کي گهر وٺي وڃو، گهر پهچڻ تي ٻار فوت ٿي وڃن ٿا. هنن حڪومت کان مطالبو ڪيو ته ڊاڪٽرن جي ٽيم موڪلي اسان جي ٻارن جون قيمتي زندگيون بچايون وڃن.

About Asghar Azad

Check Also

سموري سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ، ٺٽي ۾ پيئڻ جو پاڻي اڻلڀ ٿيڻ لڳو، 6ڪئنالن خلاف سنڌ سراپا احتجاج بڻيل

سموري سنڌ ۾ پاڻي جي شديد کوٽ، بيٺل فصل سڪڻ لڳا، ٺٽي ضلعي ۾ پيئڻ …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *