Sunday , February 23 2025

لڳي ٿو نگران سيٽ اپ تي حڪومت ۽ اپوزيشن ۾ اتفاق نه ٿيندو: اعتزاز احسن

اسلام آباد( سنڌ سماءَ چار مانيٽرنگ ڊيسڪ) سينئر پ پ اڳواڻ اعتزاز احسن چيو آهي ته، جيڪڏهن لنڊن فليٽس نواز شريف جي اولاد جي ملڪيت آهن تڏهن به اصل پريشاني نواز شريف لاءِ ئي ٿيندي، واجد ضياءَ ڪيتريون به ڪوششون ڪري پر نوازشريف نه بچي سگهندو، نيب جي ڪيسز ۾ سندس خلاف فيصلو ضرور ايندو، نوازشريف اڊيالا جيل يا لنڊن مان ويهي احتجاج جي ڪال ڏيندو. ميڊيا سان ڳالهائيندي اعتزاز احسن چيو ته نيب ۾ نواز شريف خلاف فيصلو تيار ڪيو ويو آهي جيڪو سندس خلاف هوندو، اهڙي صورت ۾ هو پنهنجو ايندڙ پيغام لنڊن يا پوءِ اڊيالا جيل مان ڏيندو.

اعتزاز احسن چيو ته، ان ڳالهه ۾ ڪو امڪان نه آهي ته ڪو نواز شريف بچي ويندو، جيڪڏهن واجد ضياءَ چوي ٿو ته ملڪيت نواز شريف جي ٻارن جي نالي آهي ته پوءِ به نواز شريف کي سزا ضرور ملندي. سندس چوڻ هو ته نواز شريف کي جيڪڏهن يقين هيو ته سندس 10 ڏينهن اندر ضمانت ٿي ويندي ته هو اڊيالا جيل وڃڻ پسند ڪندو ۽ جيڪڏهن ضمانت ۾ ڳچ وقت لڳڻ جا امڪان نظر آيا ته هو لنڊن هليو ويندو. پ پ سينيٽر چيو ته نگران سيٽ اپ تي حڪومت ۽ اپوزيشن جو اتفاق ٿيڻ مشڪل آهي، لڳي ٿو ته معاملو اليڪشن ڪميشن ۾ ويندو. اعتزاز احسن جو چوڻ هو ته نيب پاران پنجاب ڏانهن قدم وڌائڻ بعد شهباز شريف ججز ۽ جنرلن کي هٿ ٻڌي معافي گهري رهيو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

“سنڌ کي ٻڏڻ کان بچائڻ لا سنڌو درياءَ مان ڪئنال ڪڍي رهيا آهيون”: واپڊا چيئرمين جو کِل جوڳو دليلُ

سنڌو درياءَ مان 6 نوان ڪئنال ڪچڻ بابر واپڊا چيئرمين جو کِلَ جوڳو دليلُ، “ …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *