لاڙڪاڻو( رپورٽر سنڌسماءَچار) سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ لاڙڪاڻو اين اي 196 جيڪب آباد تي پي ٽي آءِ اميدوار محمد ميان سومرو جي ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن معطل ڪري ڇڏيو، عدالت اميدوار اعجاز جکراڻي جي درخواست تي محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائيندي ڌرين کي 10 اگسٽ تي طلب ڪري ورتو آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ لاڙڪاڻو پ پ اميدوار اعجاز جکراڻي جي درخواست تي اين اي 196 جي چونڊ نتيجن بابت گذريل ڏينهن محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌايو. عدالت درخواست تي فيصلو ٻڌائيندي محمد ميان سومري جي ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن معطل ڪري ڇڏيو، عدالت ڌرين کي 10 آگسٽ تي طلب ڪري ورتو آهي. واضح رهي ته اين اي 196 جيڪب آباد تان تحريڪ انصاف اميدوار محمد ميان سومرو 92 هزار 274 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو هو، جڏهن ته پ پ اميدوار اعجاز جکراڻي 87 هزار 876 ووٽ حاصل ڪيا هئا.
Check Also
سنڌ ڪابينا جو ڪارونجهر کي ثقافتي ورثي بابت عدالتي حڪم جي ابتڙ منظوري
سنڌ ڪابينا،ڪارونجهر کي ثقافتي ورثي بابت سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي عمل نه ڪيو، …