مسڻ پوليس جي ڪارروائي، مين پڙيون سپلاءِ ڪندڙ جوابدار گرفتار

ٽنڊوالهيار(رپورٽ سجاد حسين سنڌ سماچار) مسڻ وڏي پوليس لطيف آباد موڙ ڀرسان ڪارروائي ڪري گٽڪو ۽ مين پڙيون سپلاءِ ڪندڙ هڪ جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو، پوليس جوابدار جي قبضي مان مين پڙيون، هڪ اڻ رجسٽرڊ موٽرسائيڪل هٿ ڪري ورتي. پوليس جو چوڻ آهي ته  گٽڪي، مين پڙي ۽ سوپارين جي وڪري ۽ سپلاءِ خلاف ڪاررواين دوران لطيف آباد موڙ وٽان هڪ جوابدار عبداالحميد والد عبدالله ڪالرو کي گرفتار ڪري سندس قبضي مان مين پڙين جا پنج سئو پيڪٽ ۽ هڪ اڻ رجسٽرڊ موٽرسائيڪل هٿ ڪري کيس گرفتار ڪيو آهي، پوليس موجب جوابدار خلاف قلم 550  تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آھي ۽ مين پڙي جو به ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي.

About

Check Also

ايگريڪلچر بيورو اينڊ سپلاءِ ڊپارٽمينٽ ۾ ڪرپشن، من پسند ڪامورا اضافي عهدن تي ويٺل

ڪراچي ( رپورٽ: رحمان ملڪ   سنڌسماءَچار) سنڌ جي ايگريڪلچر بيورو اينڊ سپلاءِ ڊپارٽمينٽ ۾ ڪرپشن …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *