جامعه بنوريه ٽائون جو مهتمم مفتي نعيم لاڏاڻو ڪري ڪري ويو

ڪراچي( رپورٽر  سنڌسماءَچار) جامعه بنوريه ٽائون جو مهتمم ۽ عالم دين مفتي محمد نعيم الرحمان اڄ ڪراچي جي هڪ نجي اسپتال ۾ 65 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. جامع بنوريه جي ترجمان تصديق ڪندي چيو آهي ته مفتي نعيم ڪافي عرصي کان دل ۽ ڦڦڙن جي مرض ۾ مبتلا هو، ڪجهه ڏينهن اڳ سندس طبيعت وڌيڪ خراب ٿي وئي هئي، جنهن بعد کيس ڪراچي جي هڪ نجي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو هو، جتي علاج بعد طبيعت ب هتر ٿيڻ بعد گهر منتقل ڪيو ويو هو. ترجمان موجب ، جامعه بنوريه جي ترجمان موجب مفتي محمد نعيم  اڄ 20 جون تي رات جو  اوچتو طبيعت خراب ٿي وئي، کيس نجي اسپتال منتقل ڪيو جتي، ساڍي اٺين وڳي ڌاري هن دم ڏنو ۽ ڊاڪٽرن به ان جي تصديق ڪئي. مفتي نعيم عالم دين هجڻ سان گڏ وفاق المدارس العربيه جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جو ميمبر ۽ جامعه بنوريه سائيٽ جو مهتمم به هو.

About

Check Also

ايگريڪلچر بيورو اينڊ سپلاءِ ڊپارٽمينٽ ۾ ڪرپشن، من پسند ڪامورا اضافي عهدن تي ويٺل

ڪراچي ( رپورٽ: رحمان ملڪ   سنڌسماءَچار) سنڌ جي ايگريڪلچر بيورو اينڊ سپلاءِ ڊپارٽمينٽ ۾ ڪرپشن …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *