ڪراچي(رپورٽر سنڌسماءَچار) ملير واري علائقي ۾ رهائشي عمارت ڌماڪي سان ڪري پئي، 3 ڄڻا فوت ٿيڻ جا اطلاع، 14 کان وڌيڪ دٻيل آهن. ملير جي جعفر طيار سوسائٽي ۾ چار ماڙ رهائشي عمارت ڪري پئي آهي. علائقي واسين جو چوڻ آهي ته اڄ صبح جو ساڍي ستين وڳي ڌماڪو ٻڌو، جيئن ٻاهر نڪتاسين تي عمارت ڪريل ڏٺي، جنهن کانپوءِ هنن پنهنجي مدد پاڻ تحت ڊٿل عمارت جي ڍير مان ماڻهن کي ڪڍڻ جي ڪوشش شروع لڪري ڇڏي ۽ پوليس سميت ريسڪيو ٽيمز کي اطلاع ڪيو. رهواسين موجب انتظاميه مشينري دير سان پهتي، جنهن کي علائقي واسين تڪڙ ۾ عمارت جو ڍير هٽائڻ کان روڪيو جيئن دٻيل ماڻهن کي بچائي سگهجي. علائقي واسين موجب عمارت ۾ 14 کان وڌيڪ ماڻهو رهندڙ هئا. عمارت جمي نالي شخص جي ٻڌائي پئي وڃي.
Check Also
ڊاڪٽر آڪاش انصاري کي قتل ڪرڻ بعد لاش کي باهه ڏئي ساڙڻ جي تصديق
حيدرآباد (خاص نمائندو سنڌسماءَچار) شهيد ڊاڪٽر آڪاش انصاري کي ڇُرين سان وار ڪري قتل ڪرڻ …