ملڪي تاريخ ۾ ڪڏهن به شفاف اليڪشن ناهي ٿي: پير پاڳارو جو اهم بيان سامهون اچي ويو

پاڪستان جي تاريخ ۾ ڪڏهن به شفاف اليڪشن ناهي ٿي، صرف هڪ ڀيرو 1970 ۾ هڪڙي فيئر اليڪشن ٿي پر ان کي به نه مڃيو ويو، پير پاڳارو جي وڊيو سنڌسماءَچار هٿ ڪري ورتي.

ڪراچي( رپورٽ: آفاق ڀٽي  سنڌسماءَچار) پاڪستان جي تاريخ ۾ ڪڏهن به شفاف اليڪشن ناهي ٿي، صرف هڪ ڀيرو 1970 ۾ هڪڙي فيئر اليڪشن ٿي پر ان کي به نه مڃيو ويو. پير پاڳارو جي وڊيو سنڌسماءَچار هٿ ڪري ورتي. حرن جي روحاني پيشوا ۽ فنڪشنل ليگ جي سربراهه پير پاڳارو جي گذريل ڊسمبر ۾ ڳالهه ٻولهه واري وڊيو سنڌسماءَچار هٿ ڪري ورتي آهي. وڊيو ۾ پير پاڳاو واضح چوي ٿو ته، “ پاڪستان ۾ ڪجهه به نه ٿهيندو، اوجهان  کي پنهنجي مستقبل جي خبر ناهي، مستقبل الله پاڪ جي هٿ ۾ آهي، مستقبل ٺاهڻ وارا ڪي ٻيا آهن”.

وڊيو ۾ پير پاڳارو وڌيڪ چوي ٿو ته، “جڏهن کان پاڪستان ٺهيو آهي، ملڪي تاريخ ۾ ڪڏهن به فيئر اليڪشن ناهي ٿي، صرف هڪڙي 1970 واري اليڪشن فيئر ٿي هئي، ان کي به قبول نه ڪيو ويو ۽ ملڪ ٽُٽِي ويو، گذريل ٻهَ ٽَي اليڪشنز ته اوهان سڀني جي سامهون آهن، پر گذريل اليڪشن ته هر شئي جا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا، اسان کي ته ڪا به لالچ ناهي ان ڪري آرام سان ويٺا آهيون، ائين بس گاڏي هلي رهي آهي”.

About admin

Check Also

سنڌو درياءَ مان نوان ڪئنال ڪڍڻ جو منصوبو؛ وفاقي حڪومت حڪومت ٻيهر سرگرم

وفاقي حڪومت سنڌ سڪائڻ ۽ سنڌ جي زمينن تي قبضا ڪرڻ واري هوڏ تي قائم، …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *