منظور وساڻ جو انڪشاف ۽ تحريڪ انصاف..!!

خيرپور(رپورٽرسنڌسماءَچار) اڳوڻي صوبائي وزير منظور وساڻ انڪشاف ڪيو آهي ته، حالتن ۽ روين مان محسوس ٿي رهيو آهي ته، پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت پنهنجو مُدو پورو نه ڪري سگهندي. خيرپور ۾ صحافين سان ڳالهائيندي، پيپلز پارٽي جي سينئر اڳواڻ ۽ اڳوڻي صوبائي وزير منظور وساڻ چيو ته، پي ٽي آءِ جي اڳواڻن، وفاقي وزيرن، پنجاب ۽ ڪي پي جي صوبائي وزيرن جي روين مان لڳي رهيو آهي ته، تحريڪ انصاف جي حڪومت پنهنجو مدو پورو نه ڪري سگهندي. منظور وساڻ جو چوڻ هو ته، قومي اسيمبلي جي اندر توڙي ٻاهر پي ٽي آءِ وارن جو رويو به ٻڌائي ٿو ته، پي ٽي آءِ وارا پنهنجو مدو پورو نه ڪري سگهندا. ان موقعي تي هن چيو ته نومبر ۽ ڊسمبراهم آهن سياست ۽ جمهوريت خطري ۾ آهن. هن چيو ته  اسان نٿا چاهيون ته جمهوريت کي ڪو نقصان پهچي،  ڇو ته اسان جمهوريت لاءِ وڏيون قربانيون ڏنيون آهن. هن چيو ته جي ڊي اي جو ڪو به مستقبل نه آهي جي ڊي اي هاڻ نه رهندي.

About

Check Also

سنڌو درياءَ مان نوان ڪئنال ڪڍڻ جو منصوبو؛ وفاقي حڪومت حڪومت ٻيهر سرگرم

وفاقي حڪومت سنڌ سڪائڻ ۽ سنڌ جي زمينن تي قبضا ڪرڻ واري هوڏ تي قائم، …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *