Wednesday , April 2 2025

منظور وساڻ جي به ٻڌو…!! چوي ٿو سنڌ حڪومت يورپ جي طرز تي ڪم ڪري پئي

حيدرآباد ( خاص نمائندو   سنڌ سماءَچا) سياسي خواب ڏسندڙ ۽ صنعتن واري کاتي جي صوبائي وزير منظور وساڻ دعويٰ ڪئي آهي ته سنڌ حڪومت يورپ جي طرز تي ڪم ڪري رهي آهي، وڏي وزير کي آءِ جي جي پروٽوڪول جي ضرورت ناهي، عمران خان نواز شريف خلاف فيصلي تي خوش نه ٿئي، سندس ماڻهن خلاف به فيصلا اچي سگهن ٿا. حيدر آباد ۾ مختلف رٿائن جو افتتاح ڪرڻ کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي منظور وساڻ چيو ته ملڪ ۾ عام چونڊون 2018 ۾ ئي ٿينديون، وقت گهٽ ۽ مقابلو سخت آهي. هن چيو ته عمران خان نواز شريف خلاف فيصلي تي خوش نه ٿي، سندس ماڻهن خلاف به اهڙا فيصلا اچي سگهن ٿا. صوبائي وزير چيو ته سي پيڪ سان سنڌ ۾ ترقي ٿيندي، صنعت جي ترقي لاءِ سنڌ حڪومت قدم کڻي رهي آهي. منظور وساڻ چيو ته سنڌ حڪومت يورپي انداز ۾ ڪم ڪري رهي آهي، وڏي وزير کي آءِ جي جي پروٽوڪول جي ضرورت ناهي.

About Asghar Azad

Check Also

شوال جو چنڊ نظر اچي ويو، عيدالفطر سڀاڻي سومر ڏينهن ٿيندي

ڪراچي (چيف رپورٽر سنڌسماءَچار) شوال جو چنڊ نظر اچي ويو آهي ، پاڪستان ۾ عيدالفطر …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *