اسلام آباد ( سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) چيف جسٽس، جسٽس ميان ثاقب نثار ڪراچي ۾ پنهنجي تقرير تي عورت وڪيلن جي اعتراض کانپوءِ معذرتي ڪري ورتي. چيف جسٽس، ميان ثاقب نثار چيو آهي ته جيڪڏهن سندس تقرير سان ڪنهن جي دل آزاري ٿي آهي ته هو ان سان معذرت ڪري ٿو. چيف جسٽس ثاقب نثار اسلام آباد ۾ هڪ ڪيس جي ٻڌڻي دوران ريماڪس ڏيندي چيو آهي ته منهنجي ڪراچي جي تقرير سان جيڪڏهن ڪنهن جي دل آزاري ٿي آهي ته مان معذرت ڪيان ٿيو.چيف جسٽس چيو ته منهنجو مقصد ڪنهن جي دل آزاري ڪرڻ نه هو. چيف جسٽس ثاقب نثار ريمارڪس ڏيندي چيو ته عورتون اسان جي معاشري جون 50 سيڪڙو حصو آهن، مون اسڪرٽ جي حوالي سان چرچل جو قول ورجائي مثال ڏني هئي پر سوشل ميڊيا تي ان ڳالهه کي اشو بڻايو ويو. واضح رهي ته چيف جسٽس جي ڪراچي ۾ تقريب دوران ڪيل تقرير تي عورت وڪيلن پاران احتجاج ڪيو هو، جنهن بعد اڄ چيف جسٽس ميان ثاقب نثار معذرت ڪئي .
Check Also
وونئڻن جي جي پوکي80 سيڪڙو گهٽجي وئي،1000جننگ فئڪٽريون بند ٿي ويون: شام لال/ڊاڪٽر جيسو م
سنڌ سميت پاڪستان ۾ حڪومتي جي بي ڌياني، ٽئڪسز ۽ جعلي ٻج سبب وونئڻن جي …