Tuesday , April 22 2025

مني لانڊرنگ ڪيس:اومني گروپ پوڻان4 ارب ۽ آصف زرداري جي اڪائونٽ ذريعي پوڻان ٻه ڪروڙ منتقل ٿيا

اسلام آباد ( رپورٽر    سنڌسماءَچار) سمٽ بئنڪ جي جعلي اڪائونٽس اسڪينڊل ۾ انور مجيد جي اومني گروپ ۽ آصف زرداري جي ڪمپنين جي اڪائونٽس ذريعي 4 ارب 34 ڪروڙ 70 لک رپين جي غير قانوني طريقي سان منتقل ڪئي وئي، مني لانڊرنگ ڪيس ۾ رقم جي غير قانوني منتقلي بابت ايف آءِ اي پاران سپريم ڪورٽ ۾ جاچ جي اڳڀرائي ٿي آهي، رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته، زرداري گروپ آف ڪمپنيز ۽ اومني گروپ آف ڪمپنيز جي اڪائونٽس ذريعي 3 ارب  90 لک رپيا منتقل ڪيا ويا. سپريم ڪورٽ ۾ مني لانڊرنگ ڪيس جي شنوائي دوران فيڊرل انويسٽيگيشن اٿارٽي جي ڊي جي بشير ميمڻ جعلي اڪائونٽس ذريعي مني لانڊرنگ ڪيس جي جاچ رپورٽ سپيرم ڪورٽ ۾ پيش ڪئي.

سپريم ڪورٽ ۾ ڊي جي ايف آءِ اي بشير ميمڻ پاران پيش ڪيل رپورٽ جي انگن اکرن مطابق سمٽ بئنڪ جعلي اڪائونٽس اسڪينڊل ۾ آصف زرداري ۽ سندس ويجهي دوست انور مجيد جي اومني گروپ جي اڪائونٽس ذريعي 4 ارب 34 ڪروڙ 70 لک رپيا مني لانڊرنگ ذريعي ڏيساور منتقل ڪيا ويا. سپريم ڪورٽ ۾ پيش ڪيل ايف آءِ اي جي رپورٽ ۾ ۾ چيو ويو آهي ته، انور مجيد جي اومني گروپ کي 3 ارب 90 لک رپيا غير قانوني طريقي سان رقم منتقل ٿي. رپورٽ موجب اڳوڻي صدر ۽ پ  پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف زرداري جي ذاتي اڪائونٽ ۾ هڪ ڪروڙ 88 لک رپيا جمع ڪرايا ويا. آصف زرداري ان رقم جي سندس اڪائونٽ ۾ منتقلي بابت ڪڏهن به ڪا شڪايت نه ڪئي هئي.

About Asghar Azad

Check Also

صدر آصف زرداري جي طبيعت خراب، نجي اسپتال داخل، دبئي منتقل ڪرڻ جو امڪان، اسپتال جي سيڪيورٽي سخت

آصف زرداريءَ کي دبئي منتقل ڪرڻ بابت خانداني فردن حتمي فيصلو ناهي ڪيو، پر آصف …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *