اسپيڪر ڪي پي اسيمبلي مشتاق غني – فائل فوٽو
پشاور(سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيس) ”مهانگائي آهي ته، ماڻهو ٻن مانين بدران هڪ ماني کائن“، اهو چوڻ آهي خيبر پختونخوا اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ پي ٽي آءِ جي اڳواڻ مشتاق غني جو. پي ٽي آءِ جي سينئر اڳواڻ مشتاق غني خيبر يونين آف جرنلسٽس جي هڪ تقريب دوران خطاب ڪندي مشتاق غني ملڪ ۾ وڌندڙ مهانگائي تي ڳالهائيندي چيو ته، ” مهانگائي کي منهن ڏيڻ لاءِ اسان کي حڪمت ۽ دانشمندي سان هلڻو پوندو، ماڻهن کي ٻن مانين بدران هڪ ماني تي گذارو ڪرڻ گهرجي“. مشتاق غني جي اهڙي بيان تي کيس سخت تنقيد جو نشانو بڻايو پيو وڃي. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري به مٿس تنقيد ڪندي چيو آهي ته، پي ٽي آءِ ماڻهن جي وات مان گرهه کسي رهي آهي ۽ اها آهي هنن جي تبديلي ۽ نئون پاڪستان.