Sunday , February 23 2025

مهاڻن مطالبن جو مڃتا لاءِ احتجاج، ڪي پي ٽي جو چينل بند

ڪراچي( رپورٽر   سنڌسماءَچار) ڪراچي جي سامونڊي پٽي تي آباد ۽ سمنڊ ۾ مڇي جو شڪار ڪندڙمهاڻن مطالبن جي مڃتا لاءِ ڪراچي پورٽ ٽرسٽ ( ڪي پي ٽي) جو سامونڊي چينل بند ڪري ڇڏيو آهي. مهاڻن پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ مرحليوار احتجاجي تحريڪ شروع ڪري ڏني آهي، مهاڻن پنهنجي بنيادي مسئلن جي حل لاءِ احتجاج  طور تي اڱاري ڏينهن ڪي پي ٽي جو چينل بند ڪري ڇڏيو، چينل بند ڪرڻ جي نتيجي ۾ سامونڊي مال بردار جهازن جي اچ وڃ وڏي پئماني تي متاثر رهي.

وزيراعظم عمران خان جي جهاز راني واري وزارت بابت صلاحڪار هڪ نجي ٽي وي سان  ڳالهائيندي چينل سان چينل بند هئڻ جي تصديق ڪندي چيو ته، مهاڻن اڱاري ڏينهن ڪي پي ٽي جو هڪ چينل بند ڪيو جيڪو ڪيترائي ڪلاڪ بند رهيو. محمود مولوي چيو ته وفاقي سرڪار ۽  سنڌ حڪومت کي گڏجي مهاڻن جا مسئلا حل ڪرڻ گهرجن. چينل بند ٿيڻ سان سامونڊي  مال بردار جهازن جي اچ وڃ متاثر ٿئي ٿي، جنهن سان سامان لوڊ ۽ ان لوڊ ڪرڻ ۾ پريشاني ٿئي ٿي.

About Asghar Azad

Check Also

ڊاڪٽر آڪاش انصاري کي قتل ڪرڻ بعد لاش کي باهه ڏئي ساڙڻ جي تصديق

حيدرآباد (خاص نمائندو  سنڌسماءَچار) شهيد ڊاڪٽر آڪاش انصاري کي ڇُرين سان وار ڪري قتل ڪرڻ …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *