فيض گنج ( رپورٽر سنڌسماءَچار) مهراڻ هاءِ وي تي ٻن ڪارُن ۾ آمهون سامهون ٽڪر ٿيڻ جي نتيجي ۾ 6 ڄڻا فوت ۽ 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا، علائقي واسين گاڏين مان فوتين جا لاش ۽ زخمين کي ڪڍيو ويو. فوتين جا لاش ۽ زخمي کي ٺري ميرواهه اسپتال منتقل ڪيو ويو. پير ٻڍو اسٽاپ وٽ سکر ۽ نوابشاهه کان ايندڙ ٻن ڪارن ۾ آمهون سامهون ٽڪر ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ 4 ڄڻا ٿڏي تي فوت ۽ 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا. اطلاع ڪرڻ تي امدادي ٽيمون هڪ ڪلاڪ کانپوءِ واقعي واري هنڌ پهتيون جن فوتين جا لاش ۽ زخمين کي ٺري ميرواهه اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي ٻن ڄڻن زخمن جا ثور نه سهندي دم ڏنو. فوتين ۾ شڪارپور جو رهواسي لعل بخش شيخ، ٺري ميرواه جو رهواسي علي مدد رند، ڪوٽ بنگلو جو رهواسي غلام مهدي، خيرپور ناٿن شاهه جو رهواسي ابراهيم، منور شاهه سميت 6 ڄڻا شامل آهن، حادثي ۾ ٽن زخمين کي طبي امداد ڏني پئي وڃي.
Check Also
ڊاڪٽر آڪاش انصاري کي قتل ڪرڻ بعد لاش کي باهه ڏئي ساڙڻ جي تصديق
حيدرآباد (خاص نمائندو سنڌسماءَچار) شهيد ڊاڪٽر آڪاش انصاري کي ڇُرين سان وار ڪري قتل ڪرڻ …