حيدر آباد(سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) مهراڻ يونيورسٽي جي سينٽر آف ايڪسيلنس آرٽس اينڊ ڊزائن ۾ ٻي عالمي واٽر ڪلر ڪانفرنس جاري آهي،جنهن ۾ دنيا جي 60 ملڪن جي آرٽسٽن جون پينٽنگز نمائش ۾ رکيون ويون آهن،جڏهن ته امريڪا،برازيل، بلغاريا، چين، هانگ ڪانگ سميت دنيا جي مختلف ملڪن جا آرٽسٽ نمائش ۾ موجود آهن. ڄامشوري ۾ شروع ٿيل ٻي عالمي واٽر ڪلر ڪانفرنس جو افتتاح مهراڻ يونيورسٽي جي وائس چانسلر محمد اسلم عقيلي،ڊين ڊاڪٽر خان محمد بروهي ۽ ڀائي خان شر ڪيو. ڪانفرنس ۾ دنيا جي 60 ملڪن جي آرٽسٽن جون پينٽگز نمائش ۾ رکيون ويون آهن. جڏهن ته آمريڪا، برازيل،بلغاريا، چين، هانگ ڪانگ، عراق، پرتگال، روس، ترڪي،رومانيا ۽ پاڪستان جا آرٽسٽ نمائش ۾ شرڪت ڪري رهيا آهن.
نمائش جي شروعات ثقافتي رنگن ۽ موسيقي جي خوبصورت ساز ن سان ڪئي وئي. ان موقعي تي مختلف شعبن سان لاڳاپيل ماڻهن نمائش ڏٺي. ٽن ڏينهن تائين جاري رهندڙ نمائش ۾ سمورا آرٽسٽ 50 ميٽرن کان ڊگهي پينٽنگ ٺاهي انوکي تاريخ جوڙيندا.