اسلام آباد( رپورٽر سنڌسماءَچار) سپريم ڪورٽ جي حڪم کانپوءِ موبائيل فون ڪمپنيز هڪ سئو رپين جي ڪارڊ تي هڪ سئو رپيا بيلنس ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. ذريعن موجب سپريم ڪورٽ جي حڪم تي موبائيل فون ڪمپنيز صارفين کي 15 ڏينهن لاءِ رليف ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ذريعن موجب ايف بي آر جو چوڻ آهي ته اڄ رات 12هين وڳي کانپوءِ هڪ سئو رپين جي ڪارڊ تي هڪ سئو رپين جو ئي بيلنس ايندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته 15 ڏينهن کانپوءِ موبائيل فون ڪمپنيون ايف بي آر سان گڏجي ٽيڪسز جو نئون مڪينزم جوڙينديون. ياد رهي ته اڳ 100 رپين جي ڪارڊ تي ٽيڪس ڪٽوتي کانپوءِ 64 رپيا 28 پئسا ملندا هئا.
Check Also
صدر آصف زرداري جي طبيعت خراب، نجي اسپتال داخل، دبئي منتقل ڪرڻ جو امڪان، اسپتال جي سيڪيورٽي سخت
آصف زرداريءَ کي دبئي منتقل ڪرڻ بابت خانداني فردن حتمي فيصلو ناهي ڪيو، پر آصف …