Tuesday , April 22 2025

مولاناسميع الحق کي گهر اندر ڇرين جا وار ڪري شهيد ڪيو ويو

راولپنڊي(سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) جي يو آءِ (س) جي سربراهه مولانا سميع الحق کي گهر اندر ڇرين جا وار ڪري شهيد ڪيو ويو آهي. سميع الحق جي پٽ مولانا حامدالحق چيو آهي ته، بابا کي گهر اندر ڇرين جا وار ڪري شهيد ڪيو ويو. هن چيو ته گهريلو ملازم ۽ گارڊ ٻاهر ويل هئا ته عصر ۽ مغرب جي نماز جي وچ واري وقت دوران بيڊ تي ئي مٿس ڇرين جا وار ليا ويا. ملازم آيا.ته بابا رت ۾ ٻڏل هو، جنهن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي، سندس شهادت جي.تصديق ڪئي وئي. مولانا سميع الحق جو مڙھ سندس اباڻي ڳوٺ اڪوڙه خٽڪ نيون پيو وڃي، جتي سڀاڻي 2 وڳي جنازي نماز ادا ڪئي ويندي. ٻي طرف ميڊيا رپورٽس پاران ذريعن جي حوالي دعويٰ ڪئي آهي ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سميع الحق جي بورچي ۽ هڪ گارڊ کي حراست ۾ ورتو ويو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ حڪومت جون 50کان وڌيڪ گاڏيون غيرواسطيدار ماڻهن حوالي

سنڌ حڪومت جون پنجاهه کان وڌيڪ سرڪاري گاڏيون ايم پي ايز، ڪامورن ۽ بااثر سياسي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *