مون کي عمر ڪوٽ وومين ٿاڻي جي ايس ايڇ او جوابدارن حوالي ڪيو: اميشا خاصخيلي

عمر ڪوٽ ( رپورٽر   سنڌسماءَچار) حيدر آباد مان ٻن هفتن کانپوءِ هٿ آيل نينگري اميشا خاصخيلي چيو آهي ته، مون کي وومين ٿاڻي جي ايس ايڇ او خوش بخت آرائين جوابدارن فيض پلي ۽ سيف الله آرائين جي حوالي ڪيو. اميشا عمرڪوٽ ٿاڻي تي وارثن سان ملاقات دوران ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته، مون کي شادي جي تقريب مان وومين ٿاڻي جي ايس ايڇ او خوش بخت آرائين کڻي ٿاڻي تي وٺي وئي هئي. هن چيو ته ايس ايڇ او خوش بخت مون کي جوابدارن جي حوالي ڪيو. اميشا چيو ته مون کي فيض پلي ۽ سيف الله پلي پنهنجي قيد ۾ رکيو.

وومين ٿاڻي جي ايس ايڇ او خوش بخت آرائين

اميشا خاصخيلي پوليس تحويل ۾ ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي وڌيڪ چيو ته هوءَ وڌيڪ بيان ۽ ٻيون حقيقتون سڀاڻي عدالت ۾ بيان رڪارڊ ڪرائڻ وقت ئي ٻڌائيندي ۽ عدالت آڏو سڀ ڪجهه ٻڌائيندي.

About

Check Also

سنڌو درياءَ مان نوان ڪئنال ڪڍڻ جو منصوبو؛ وفاقي حڪومت حڪومت ٻيهر سرگرم

وفاقي حڪومت سنڌ سڪائڻ ۽ سنڌ جي زمينن تي قبضا ڪرڻ واري هوڏ تي قائم، …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *