Tuesday , April 1 2025
Breaking News

ميرپورخاص بورڊ جي ڪرپٽ ڪامورن،ملازمن ۽ ساٿارين خلاف ڪارروائي جو فيصلو

ڪراچي ( رپورٽر    سنڌسماءَچار)  شاگردن کي سفارش ۽ رشوت عيوض مارڪون ڏيڻ سميت سرڪاري فنڊز ۾ گهوٻين وارن ماملن جي جاچ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته، ميرپور خاص تعليمي بورڊ ۾ گهوٻين واري معاملي ۾ ڪجهه بااثر شخصيتن جي به ڦاسڻ جو امڪان آهي. ان سلسلي ۾ اينٽي ڪرپشن چيئرمين علم الدين بلو ميرپورخاص جي تعليمي بورڊ ۾ رشوت عيوض شاگردن جون مارڪون وڌائڻ تي ذميوار آفيسرن خلاف سخت ڪارروائي جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. علم الدين بلو جي صدارت هيٺ اينٽي ڪرپشن جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ عملدارن پاران آگاهي ڏني وئي ته ميرپورخاص جي تعليمي بورڊ جي ضبط ڪيل رڪارڊ ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته رشوت عيوض يارهين ۽ ٻارهين ڪلاس جي امتحانن جي رزلٽ ۾ وڏي پئماني تي ڦيرڦار ڪئي وئي آهي. عملدارن جي اهڙي آگاهي تي اينٽي ڪرپشن چيئرمين علم الدين بلو کين ميرپورخاص تعليمي بورڊ جي سمورن آفيسرن خلاف سخت ڪارروائي جي هدايت ڪئي.

About Asghar Azad

Check Also

سموري سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ، ٺٽي ۾ پيئڻ جو پاڻي اڻلڀ ٿيڻ لڳو، 6ڪئنالن خلاف سنڌ سراپا احتجاج بڻيل

سموري سنڌ ۾ پاڻي جي شديد کوٽ، بيٺل فصل سڪڻ لڳا، ٺٽي ضلعي ۾ پيئڻ …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *