ميهڙ( خاص نمائندو سنڌسماءَچار) جمعيت علماءَ اسلام سنڌ جي جنرل سيڪريٽري راشد محمود سومرو ميهڙ ۾ ڪرم الله چانڊيو جي وارثن سان تعزيت ڪئي، راشد محمود چيو ته ميهڙ سانحي جو سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس کي پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ گهرجي. جي يو آءِ اڳواڻ راشد محمود سومرو، مسعود پنھور، مختيار پنھور ۽ ٻين ڪرم الله چانڊيو، قابل ۽ م ختيار چانڊيو جي تڏي تي پهتا. هنن وارثن سان تعزيت ڪئي ۽ افسوس جو اظاهر ڪيو. ان موقعي تي وارثن ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي راشد محمدو سومرو چيو ته، ڪرم الله ۽ سندس ٻن پٽن جي قتل ۾ ملوث جوابدارن کي سنڌ حڪومت بچائڻ جي ڪوششن ۾ رڌ لڳي رهي آهي. مک جوابدار پيپلز پارٽي جو ايم پي اي آهي، جنهن کي پ پ جا انتهائي بااثر اڳواڻ بچائڻ ۾ مصروف لڳي رهيا آحن. راشد محمود سومرو چيو ته ٽن ڄڻن جي قتل ۾ نامزد جوابدارن کي گرفتار ڪري عدالتي ڪٽهڙي ۾ بيهاري متاثرن کي انصاف ڏياريو وڃي. راشد محمود سومرو سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس، جسٽس ثاقب نثار کي اپلي ڪئي ته هُو هن سانحي جو پاڻمرادو نوٽيس وٺي وارثن کي انصاف ڏياري. هن چيو ته هُو مقتولن جي وارثن سان هر موڙ تي گڏ هوندا.
Check Also
سموري سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ، ٺٽي ۾ پيئڻ جو پاڻي اڻلڀ ٿيڻ لڳو، 6ڪئنالن خلاف سنڌ سراپا احتجاج بڻيل
سموري سنڌ ۾ پاڻي جي شديد کوٽ، بيٺل فصل سڪڻ لڳا، ٺٽي ضلعي ۾ پيئڻ …